خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ ۽ فاطميد فائونڊيشن پاران ٿيلسميا جي بيماري ۾ مبتلا ٻارن لاءِ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ رت جي عطيي واري ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن پاران فاطميد فائونڊيشن کي رت جو عطيو ڏنو ويو. ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جو چوڻ آهي ته ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان دل کي سڪون ملي ٿو. هن چيو ته خيرپور پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن طرفان رت ڪو عطيو ڏيڻ وارو جذبو فخر جي لائق آهي جڏهن ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن پاران رت جو عطيو ڏيڻ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته خيرپور پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار ڪنهن به فلاحي ڪم ۾ پٺتي نه آهن.