ٺڪراٺو (ن پ ا) 4 ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ٺڪراٺي واسي نوجوان نديم مهتم پٽ دادلو مهتم جي زندگي بچائڻ لاءِ صحافي ۽ شھر جا نوجوان اڳتي نڪري آيا، نٽھڻ اس ۽ گرمي ۾ پيادل شھر جي سمورن دڪانن تان چندو ورتو، شھر مان گڏ ڪيل چندي جي رقم 41 ھزار اٺ سو رپيا زخمي نوجوان جي پيءُ دادلو مهتم حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي پورهيت دادلو مهتم پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پٽ کي علاج لاءِ ڪراچي داخل ڪيو اٿم پئسو ناهي صحافين ۽ شھر جي نوجوانن کي دعائون ڏيان ٿو جن ڏکي گهڙي ۾ مالي مدد ڪئي آھي ٻين سرندي وارن کي مدد جي اپيل ڪريان ٿو ته منهجي مدد ڪن.