ٻانڌي(ن پ ا)ٻانڌي لڳ مھراڻ ھاءِ وي تي خانڻ شاهه اسٽاپ وٺ ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ خانپور واسي انور علي بروھي جي گهر واري رحيمان ۽ حزب الله ولد الاھي بخش بروھي زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن پنھنجي مدد پاڻ تحت رورل ھليٿ سينٽر ٻانڌي پھچايو جتي زخمين کي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏيڻ بعد گھر روانو ڪيو ويو.