پيروسڻ (ن پ ا ) پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا بخش خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي مامري تان جھيڙو ٿي پيو، بشير احمد خاصخيلي، ندير احمد، شير محمد، صالح خان، سائين بخش ۽ امان الله سميت 6 ماڻھو زخمي ٿي پيا، پوليس ليٽر ڏئي علاج خاطر تعلقي اسپتال ٺري ميرواھ منتقل ڪيو، جنھن بعد ٻنھي ڌرين مٿان پيروسڻ ٿاڻي تي الڳ الڳ اين سي داخل ڪئي وئي.