خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي ڪرم آباد ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾  موٽرسائيڪل سوار پيءُ پٽ موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ نينگري زخمي ٿي پئي. فوتين جا لاش ۽ زخمي نينگريءَ کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. چيڀاٽجي فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ جيئند اوڏ ۽ سندس پٽ مڪيش اوڏ جي نالي سان ٿي آهي. جڏهن ته زخمي نينگري شواني فوتي جيئند مل اوڏ جي ڌيءَ ٻڌائي پئي وڃي. ٻٻرلوءِ پوليس اطلاع ملڻ بعد فوتين جا لاش ۽ زخمي نينگريءَ کي سول اسپتال خيرپور پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته نينگريءَ جو علاج جاري آهي. حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو. جڏهن ته پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار ٿيل پيءُ پٽ ۽ نينگري ڪرم آباد کان موٽر سائيڪل تي سوار ٿي خيرپور اچي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.