سنڌڙي (ن پ ا) ميرپورخاص جي نجي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب معصوم ٻار جي زندگي  داءَ تي لڳل، پٿري جي آپريشن کانپوءِ نلڪي جسم ۾ رهجي وڃڻ جو انڪشاف، وارثن پاران ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام، خبر موجب ڳوٺ قائم الدين شر جي رهواسي ٻار امين ولد محمد صالح شر 3 سال پھريان پٿري جو آپريشن ڪرايو، جنهن دوران ڊاڪٽر جي غفلت سبب نلڪي جسم جي اندر ئي رهجي وئي، وارثن محمد صالح شر ۽ جاويد شر ٻڌايو ته 3 سال اڳ ڊاڪٽر اڪبر آرائين امين جو ليزر ذريعي پٿري جو آپريشن ڪيو ۽ ان کانپوء 5 مھينن تائين ڪورس ڏئي چيائين ته هاڻي بلڪل ٺيڪ آھي، جڏهن ته اسانکي نلڪي جو نه ٻڌايو، هنن چيو ته ٻار کي تڪليف ٿي ته الٽرا سائونڊ ڪرايو ته نلڪي جسم ۾ اندر پيل هئي، هنن چيو ته ميڊيڪل سينٽر تي وياسين ته ڊاڪٽر اسانجي هڪ نه ٻڌي ۽ ڌڪا ڏئي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي،