اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خورشيد شاهه سگريٽن جا اگهه ٻيڻ تي وڌائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، قومي اسيمبلي  ۾ بجيٽ تقرير ڪندي خورشيد شاهه چيو آهي ته برطانيا ۾ هينئر سٺي برانڊ واري سگريٽن جو پاڪيٽ 35 سئو رُپين ۾ ملي ٿو، پاڪستان ۾ ساڳئي برانڊ جو سگريٽ 110 رُپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، سئو رُپين وارو پاڪيٽ 2 سئو رُپين جو ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته پنهنجي ماڻهن کي دل، هيپاٽائيٽس، ٽي بي، جگر ۽ ٻين بيمارين کان بچايون، جنهن تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سگريٽ تي ٽيڪس لڳائڻ سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ عوام کي به خوشي ٿيندي، ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته خورشيد شٰاهه جي ڳالهه صحيح آهي، وزيراعظم به سگريٽ نوشي جي خلاف آهي، ايندڙ سال تائين انهن کان 200 ارب رُپيا اوڳاڙي ڏيکاريندس.