اسلام آباد: نواز ليگ اڳواڻ چيو ته عام ماڻهو ساهه کڻڻ به ٽيڪس ڏئي ٿو، ٽيڪس ڪلچر ڪيئن درست ٿيندو؟ اياز صادق چيو ته مفتاح اسماعيل کي ٽي وي تي ماڻهو ڏسي گهٻرائجي وڃن ٿا. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو ته آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪن اهي شڪايتون ڪيون ته توهان تي اعتماد جو فقدان آهي، جيڪڏهن ڪو ملڪ  يا پرڏيهي ادارو اهو چوي ٿو ته توهان تي اعتبار ناهي ته اهو ٻڏي مرڻ جو مقام هوندو آهي، عمران خان کي پنهنجي ڪرسي عزيز هئي، هن چيو ته هڪ طرف مهانگائي ۽ مفتاح اسماعيل هو، مفتاح اسماعيل جي ٽي وي تي اچڻ سان ماڻهو گهٻرائي وڃن ٿا، ن ليگ جي پارلياماني ليڊر خواجا آصف چيو ته هفتن ۾ نه پر ڏينهن ۾ انشاءَ الله حالتون بهتري طرف هلي پونديون، سگريٽ شعبي جون ٻه وڏيون ڪمپنيون آهن، جن وٽ سگريٽ مارڪيٽ جو 60 سيڪڙو حصو آهي، اهي ٻه ڪمپنيون سال ۾ 151 ارب رپين جون ٽيڪس ادا ڪن ٿيون، باقي سگريٽ مارڪيٽ جو 40 سيڪڙو حصو رکندڙ ڪمپنين سال ۾ 2 ارب رپين کان گهٽ ٽيڪس ڏين ٿيون، ان کان وڌيڪ شرمندگي ڪهڙي آهي اهو سلسلو ڏهاڪن سالن کان  هلي رهيو آهي، اهو مامرو ڇو هلي رهيو آهي، ان کي سڀ سمجهي سگهون ٿا، ان لابي جا ماڻهو ۽ نمائندا هنن ايوانن ۾ پهچي چڪا آهن، اسان انهن مٿان ٽيڪس نه لڳائي سگهندا آهيون، ٻيا شعبا به نظر ايندا جن تي ٽيڪس لڳي نه سگهندو آهي ڇو ته انهن شعبن جي ماڻهن جا سياستدانن يا اقتدار جي ايوانن ۾ ڪير به ويٺو هجي انهن سان انهن جا تعلقات آهن، اسان جي ٽيڪس جي نظام ۾ اهو پراڻو سلسلو هلي رهيو آهي، گاڏين جي امپورٽ جو مامرو هجي، سگريٽ جو هجي يا اليڪٽرانڪس جي امپورٽ هجي،  3 ارب ڊالرن جو سال ۾ امپورٽ ڊيوٽي جي مد ۾ نقصان ٿي رهيو آهي، ان ملڪ جي معيشت ڪيئن درست ٿي سگهي ٿي؟، اهو ملڪ هر وقت خيرات ئي گهرندو رهندو، اهو سڀ ڪجهه ملڪ جا غريب نه پر امير کرب پتي ماڻهو ڪري رهيا آهن، ماڻهن ڪرڪيٽ ٽيمون ٺاهي رکيون آهن، اهو سلسلو جيستائين ختم نه ٿيندو توهان ڀلي جيتريون به رت جون بوتلون لڳايو هن بيماري کي مرض کان شفا نه ملندي، مذهبي ۽ پڳڙين وارا ماڻهو به انهن جون سفارشون ڪن ٿا، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ ٻار پيدا ٿئي ٿو ته اهو کير تي ٽيڪس ڏئي ٿو، عام ماڻهو پاڻي تي، موٽرسائيل، سائيڪل، ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس ڏئي ٿو، پر کرب پتي ماڻهن تي ٽيڪس نه ٿو لڳي، مان نالو نه ٿو کڻان پر سمورا ماڻهو انهن کي ڄاڻين ٿا، هن ايوان ۾ اهڙا ميمبر به آهن جن وٽ ذاتي گاڏي ناهي، پر سياستدان بدنام آهيون ته لٽ مار ڪيون ٿا،  پر قوم جا اربين کربين  رپيا لٽيندڙ عزتدار بڻجي وڃن ٿا ۽ ايوان ۾ به اچي وڃن ٿا ۽ انهن جون سفارشون وڏا وڏا ماڻهو ڪن ٿا، ڇت تي لکيل الله جي 99 نالن جو قسم کڻي چوان ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙا وسيلا موجود آهن اسان کي ڪنهن وٽ ڪشڪول کڻي وڃڻ جي ضرورت ناهي، صرف ايمانداري جي ضرورت آهي.