ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بدرڪمرشل ۾ واقع سي ويو اپارٽمينٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي خواجا اظهار جي گارڊ جي فائرنگ ۾ فوڊ ڊليوري بواءِ زخمي ٿي پيو، ان ڏس ۾ ايس ايس پي سائوٿ زبير نذير شيخ موجب گارڊ جي فائرنگ سبب 30 ورهين جو نديم پٽ عطا زخمي ٿيو، زخمي رائيڊر خواجه اظهار جي گھر پارسل ڏيڻ آيو هو، خواجا اظهار جي فيملي آرڊر بوڪ ڪرايو هو. ايس ايس پي سائوٿ موجب مبينه طور بار بار گھنٽي وڄائڻ تان گارڊ ۽ رائيڊر ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن تان گارڊ فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي موجب زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، فائرنگ ڪندڙ گارڊ کي جلد گرفتار ڪيو ويندو