ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشوري ۾ منشيات خلاف تحريڪ هلائيندڙ سياسي سماجي ڌرين پاران ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائڻ جو مطالبو، ان حوالي سان پي ٽي آءِ، فنڪشنل ليگ، ايس ٽي پي، پ پ شھيد ڀٽو، سنڌ ملاح فورم، پ پ ليبر بيورو ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن يوسف کوهارو، سليمان ڀلائي، حق نواز برهماڻي، ظهور ملاح، امتياز هنڱورو، منصور جوڻيجو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڄامشورو پوليس کان ڪراچي ۾ چرس ھٿ اچڻ بعد منشيات اسڪينڊل جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ڄامشورو جي جوڙيل ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريو ته ايس ايس پي کي خود به معطل ڪري جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، اڳواڻن چيو ته ڊي آءِ جي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي آجيان ڪريون ٿا، ان هوندي به گهر ڪريون ٿا ته جڊيشل انڪوائري جوڙي هن اسڪينڊل ۾ ملوث اصل چهرن کي به پڌرو ڪيو وڃي.