اسلام آباد (م ڊ) دفاع واري وزير عارف علوي کي صدر مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، خواجا آصف چيو آهي ته  آئون عارف علوي کي صدر نٿو مڃان، نيب قانون ۾ جيڪي ترميون ڪيون ويون آهن، اهي عمران خان به ڪرائڻ پئي چاهيون، اسان سان چئن سالن ۾ تحريڪ انصاف حڪومت 4 ڀيرا رابطو ڪيو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃي ورتا آهن، هڪ اڌ ڏينهن ۾ معاملا حل ٿي ويندا، عمران حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، آخر ۾ عمل نه ڪيو، اسان گذريل حڪومت جي معاهدي تي عملدرآمد ڪيو. خواجا آصف چيو ته گذريل حڪومت ايتري نااهل هئي جو قانونسازي لاءِ به فوج کي مداخلت ڪرڻي پئي، عمران خان پنهنجي اقتدار لاءِ اسپيس سرينڊر ڪيو،  عمران خان جڏهن سازش جو الزام لڳائيندو آهي ته اصل ڳالهه ٻڌائي ته ان کي خيمي جي اندر ڪنهن آندو هو؟ خرم دستگير ڪنهن ٻئي پسمنظر ۾ ڳالهه ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جا روز بيان بدلبا آهن، انهن جي ڳالهه تي اعتماد ڪهڙو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا فيٽف جو دهل وڄائيندا آهن، آءِ ايم ايف جو جنازو به ته پڙهن. هن انڪشاف ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف پاڻ نيب قانون ۾ ساڳيون ترميم چاهي پئي،  گذريل 4 سالن دوران اسان سان 4 ڀيرا رابطو ڪيو ويو، نيب قانون ۾ ڊپٽي چيئرمين جي گنجائش موجود آهي، ڪوڙي الزام تي به سزا ايندي آهي، الزام لڳائيندڙ کي الزام ثابت ڪرڻو پوندو آهي. خواجا آصف چيو ته اسحاق ڊار پنهنجي دور ۾ سٺو قدم کنيا پر مفتاح اسماعيل به ناڪام ناهي ٿيو، اسان کي ناڪامي ورثي ۾ ملي آهي، انکي ڪاميابي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، گڏيل حڪومت ۾ ڪو نه ڪو مسئلو رهندو آهي. خواجا آصف چيو ته عارف علوي کي صدر تسيلم نٿو ڪريان، راجا رياض کي اپوزيشن ليڊر مڃان ٿو، پنجاب ۾ آئيني بحران آهي، جلد بهتر ٿي ويندو، دفاع واري وزير خواجا آصف چيو ته سمورن اختلافن باوجود چوڌري پريز الاهي ۽ سندس خاندان جو احترام ڪندو آهيان، اهڙي ڳالهه نه ڪندس جيڪي حقيقتن جي ابتڙ هجي، هن چيو ته پرويز الاهي مونکي ڪن ۾ چيو هو ته خواجا تنهنجي نوازشريف سان ويجهڙائپ آهي، نوازشريف سان ڳالهايو، اسان کان ڪا غلطي ٿي آهي ته معاف ڪري. خواجا آصف دعويٰ ڪندي چيو ته پرويز الاهي چيو ته اسان کي معاف ڪري ڇڏيو، اسان هڪ نئون باب شروع ڪرڻ وڃون پيا، هڪ اشارو به ڏنو ته پارٽيون ضم ٿي وينديون، پوءِ ان کانپوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو، اها ڳالهه صرف ان ڪري ڪريان ٿو جو پوري خلوص سان پرويز الاهي جي گهر ويا هئاسين.