لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جنهن شخص جي پنهنجي دروازي تي ضرورتمند احتجاج  ڪري رهيا هجن، اهو صوبي جو حڪمران به آهي، اهو شخص انهن جي مدد به ڪري ٿو سگهي پر بي حسي ۽ لاتعلقي جو مظاهرو ڪري ته اهڙي شخص جي هر سڏ تي عوام به اهڙي ريت لاتعلق رهندو، جيئن ڌرڻي ۽ ڪالهه جي احتجاج تي هو پاڻ رهيو، نالو کڻڻ کانسواءِ عمران خان تي تنقيد ڪندي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته منافقت ۽ منافق خان کي عوام چڱي ريت سڃاڻي ٿو.