خانپور (ن پ ا) خانپور ويجھو رحيم آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرحمان پھوڙ  ۾ ڪجهه ڏينھن اڳ جھيڙي ۾ زخمي  ٿيل باغ علي پٽ علام علي ماڇي زخمن جا سور نه سھڻ سبب فوت ٿي ويو، مڙھ ضروري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ خانپور اسپتال آندو ويو، جتان سندس گھر نيو ويو.بگن ماڇي اسپتال ۾ پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو سان  ته معمولي  ڳالهه تان برادريءَ جي ماڻهن سان جھيڙو ٿيو ھو،ڌڪ لڳڻ سبب ڀاءُ فوت ٿي ويو، لاش گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.