خانپورمھر( ن پ ا)خانپورمھر جي موبائل مارڪيٽ ۾ سنيل ڪمار مٿان ٻن ڄڻن وڪاش ڀھاٽيا ۽ مھيش ڪمار تشدد ڪيو.سنيل ڪمار خانپورمھر ٿاڻي تي پھچي وڪاش ۽ مھيش ڪمار مٿان اين سي رپورٽ داخل ڪرائي. ھوڏانھن متاثر نوجوان سنيل ڪمار ٻڌايو ته ڄاڻايل ماڻھن ھن کي رستي ۾ روڪي تشدد جو نشانو بڻائي کيسي ۾ پيل روڪ رقم سوا ٻ لک ۽ سوني منڊي به کسي ويا.