ڇاڇرو (ن پ ا) پنجاب مان باز جي شڪار لاءِ آيل شڪاري پاڻ نانگ جو شڪار ٿي ويو، خطرناڪ نانگ ڪکي وڌو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو. خبر موجب پنجاب جي علائقي ميانوالي کان آيل 55 ورهين جو راجوير پٽ پرتاب ٿرپارڪر ۾ باز جي شڪار لاءِ آيل هو، جنهن کي ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ سلطان جي ڍاڻي ويجهو زهريلي نانگ ڪکي وڌو. نانگ ڪکڻ سبب بيهوش ٿي ويو. ڳوٺاڻن کيس کڻي ڇاڇرو تعلقي اسپتال داخل ڪرايو. ڊاڪٽر موجب نانگ ڪکيل شخص جو علاج ڪيو پيو وڃي.