ٺاروشاهه(ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان درٻيلو ۾ واٽ ويندڙ ٻن معصوم ٻارڙن کي نامعلوم ڪار سوار ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو 2 ڄڻا قاسم سيال ۽ فائز سيال زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بيسڪ هيلٿ سينٽر ٺاروشاھ پهچايو ويو جتي ڊاڪٽر موجود نه هئڻ ڪري سندن علاج ٿي نه سگهيو علائقي واسين پاران ڪاوڙ جو اظھار نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.