خانپورمھر (ن پ ا) خانپور مهر ويجهو جمعي ڏينهن ٻن  ڌار ڌار واقعن ۾ ننڍن ڀائرن ھٿان وڏن ڀائرن جي قتل جا ڪيس داخل، ڳوٺ پيارو لاشاريءَ ۾ زمين جي ورھاست تان جوابدار ممتاز پنھنجي وڏي ڀاءُ اعجاز احمد لاشاري کي پستول جا فائر ڪري  قتل ڪري ڇڏيو هو. ان حوالي سان مقتول جي ماءُ مسمات صابل لاشاريءَ جي فرياد تي داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ھن جي ننڍي پٽ ممتاز لاشاري پنھنجي وڏي ڀاءُ اعجاز لاشاري کي زمين جي ورھاست واري معاملي تان قتل ڪيو آھي، جڏھن تهخانپورمھر ويجھو ڳوٺ عطر گبول ۾ قتل ٿيل شوڪت گبول جي والد ڄام گبول پنھنجي ننڍي پٽ گلزار گبول مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته چوپايو مال چارڻ واري جي معمولي ڳالھه تان ھن جي ننڍي پٽ گلزار پنھنجي وڏي ڀاءُ شوڪت گبول کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيو. ھوڏانھن پوليس ٻنھي واقعن جون ايف آءِ آرز داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي.