دادو (رپورٽر) پ پ ايم پي اي سيد صالح شاھ ۽ سجيلا لغاري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ٻوڏ هيٺ آيل يوسي مراد آباد جي رهواسي محمد امين پنهور سيڪشن 22 ، اي بي تحت درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن تي سيشن جج دادو جي عدالت ايم پي اي جوهي سيد صالح محمد شاھ ۽ ڊاڪٽر سجيلا لغاري کي نوٽيس جاري ڪري سومر ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪرڻ سان گڏ ايس ايچ او خدآباد کي پڻ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، محمد امين پنهور عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان پ پ ايم پي اي جوهي جا ووٽر آهيون، يوسي مردآباد ۾ سندن ڳوٺ برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، سندن گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، چوپايو مال مري ويو آهي، کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ راشن لاءِ  ايم پي اي صالح شاھ ۽ ڊاڪٽر سجيلا وٽ ميرل پنهور ۽ سائينداد لغاري سميت وياسين ته ايم پي ايز اسان کي ڌڙڪا ، ڇڙٻون ڏنيون ۽ سندن گارڊن اسان کي ڪالرن مان پڪڙي گهلي ڌڪا ٿيلها ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ اسان جي تذليل ڪئي آهي، سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.