حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) لطيف آباد ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ ڦورو کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو آهي. ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته گلستان سرمست روڊ مونو ٽيڪنيڪل  ڪاليج وٽ ٻن ڪارن ۾ سوار اڻڄاتل ڦورو گهر مان ڌاڙي جي نيت سان بيٺل هئا جن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار ۾ ويٺل ڏوهارين پوليس مٿان سڌا فائر ڪيا ۽ جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مٺو چٽياڻا عرف زوار حسين مهر زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو فوت ٿي ويو آهي. مقابلي دوران ٻيا ڏوهاري ڪارن سميت فرار ٿي ويا جن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ناڪابندي به ڪئي وئي. پوليس مارجي ويل جو ڏوهاري رڪارڊ جاري ڪندي دعويٰ ڪئي ته مٿس سنڌ ۽ پنجاب ۾ 23 ڪيس داخل ٿيل آهن. ڏوهاري مٺو عرف زوار مهر ڪار ۾ ساٿين سان گڏجي مختلف علائقن ۾ قائم گهرن ۾ عورتن جي مدد سان داخل ٿي ڌاڙي جون وارداتون ڪندو هو. هن 8 مارچ تي قاسم آباد فيز ون ۾ پرڪاش گهنواڻي جي گهر مان 64 تولا سون ۽ ڏيڍ لک رپيا ڦر ڪيا. 24 مارچ تي نسيم نگر ۾ سيد علي رضا شاهه جي گهران لڳل ڌاڙي ۾ به ملوث هو جتان ڦورن 21 تولا سون ۽ 20 هزار رپيا ڦر ٿيا. پوليس 2 اپريل تي ڄاڻايل گروهه ايئرپورٽ ڪوهسار واري علائقي ۾ وقاص قاضي جي گهر مان به 14 تولا سون ۽ 85 هزار رپيا ڦر، 14 اپريل تي گلستان نور محمد باءِ پاس وٽان وقاص راهو جي گهران ڌاڙو هنيو، 13 اپريل تي ڪوهسار فيز ٽو ۾ محمد نواز کوکر جي گھران 5 تولا سون، 2 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان به ڦر ڪيو. ايئرپورٽ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرولا ڪارن ۾ سوار ٿي عورتن جي مدد سان گهرن مان ڌاڙي جون وارداتون ڪندڙ گروهه جا سي سي ٽي وي فٽيج به وائرل ٿيا . ٻئي پاسي پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فجر مهل ڄاڻايل ڦورو کي پوليس ڄاڻايل علائقي ۾ پهچائي گوليون هڻي مرڻينگ ڪيو ۽ ڪافي دير تائين ڦورو زخمي حالت ۾ واقعي واري هنڌ پيل هو. سندس رت وڌيڪ ضايع ٿيڻ کانپوءِ هو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو. واضح رهي ته پوليس ان کان اڳ ڀٽائي نگر ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي حدن ۾ به ڏوهارين کي مبينا مقابلن ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر اهي زخمي ڏوهاري به اسپتال مان فوتي حالت ۾ هٿ آيا هئا.