سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين طرفان پوائنٽ بسن جي سھولت نه ملڻ خلاف پرنسپال آفيس آڏو ڌرڻو،  پرنسپال مٿان تشدد، بدسلوڪي، پوليس گھرائي حراسان ڪرڻ، داخلا رد ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جو الزام. ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رھڻ واري اطلاع تي وفاقي وزير خورشيد شاھ جي ھدايتن تي سندس پٽ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي سکر ڳالھين جي لاءِ پھچي ويا، معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ، ڪنھن به شاگرد، شاگردياڻي خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪرڻ، پوائنٽ بسن سميت ٻيون سھولتون ڏيارڻ جي خاطريءَ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو. تفصيل موجب غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين پوائنٽ بس جي سھولت نه ھجڻ خلاف پرنسپال آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو. شاگردن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پرنسپال جي آفيس پھچڻ کان پوءِ معاملو حل ٿيڻ بجاءِ وڌي ويو، انتظاميا پوليس نفري گھرائي مين گيٽ کي تالا ھڻي بند ڪرائي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ شاگردياڻين ۽ شاگردن دانھيندي الزام مڙھيو ته گرلز ھاسٽل کان 200 شاگردياڻيون ھڪ پوائنٽ بس ذريعي وڏين تڪليفن ۽ پريشانين سان ڪاليج پھتيون آھيون، ڪافي ڀيرا دانھڻ، شڪايتن باوجود ڪو تدارڪ نه ٿيو تنھن ڪري پر امن طريقي سان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر رفيق ميمڻ پھچڻ شرط شاگردياڻين جا مسئلا ٻڌي حل ڪرائڻ بجاءِ  اسان کي گھٽ وڌ ڳالھايو، ڌڪا ڏئي تشدد جو نشانو بڻايو، جنھن کان پوءِ پوليس توڙي سيڪيورٽي گارڊن ذريعي حراسان ڪيو ويو. ڪاليج جي اندر ھال ۾ پوليس گھرائي وئي.  داخلا رد ڪرڻ توڙي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. شاگردياڻين الزام مڙھيندي چيو تہ ڪاليج جي پرنسپال پوري ڪاليج اندر کين ڊوڙايو جنھن ڪري ڪجھه شاگردياڻيون ڪري پيون. ٻئي پاسي ڪاليج اندر 5 ڪلاڪن کان احتجاج جاري رھڻ،  مڇريل شاگردن جي اطلاع ملڻ تي وفاقي وزير خورشيد احمد شاھ جي ھدايتن تي سندس پٽ زيرڪ شاھ، ڊپٽي ڪمشنر سکر  جاويد حسين، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ ڪاليج پهچي شاگردياڻين، شاگردن، ڪاليج جي پرنسپال ۽ فيڪلٽي ميميرن سان ڳالھيون ڪيون. شاگردياڻين وڊيو ثبوت ڏيکاريندي ۽ ڪاليج جي سي سي ٽي وي فٽيج چيڪ ڪرڻ جو چوندي ٻڌايو ته ساڻن ظلم ٿيو آھي. پرنسپال تشدد ڪرڻ سان گڏ تمام غلط زبان استعمال ڪئي آھي، تنھن ڪري کيس فوري طور تي ھٽايو وڃي. ڊي سي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ خورشيد شاھ جي فرزند ٻنھي ڌرين سان ڳالھين بعد شاگردياڻين کي خاطري ڪرائي وئي ته احتجاج ڪندڙ ڪنھن به شاگرد، شاگردياڻي خلاف ڪا به انتقامي ڪاروائي نه ٿيندي، ڪنھن جي خلاف ايف آءِ آر داخل نه ٿيندي ۽ نه ئي ڪنھن جي داخلا رد ڪئي ويندي، جڏھن تہ معامري جي انڪوائري لاءِ ڪاميٽي تشڪل ڏني ويندي جنھن جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويند.ي.