ڊالر کي بريڪ نه لڳو : 205 رپين تائين وڪرو: سون به 138600 رپين جو ٿي ويو

0
399
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو

ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي بريڪ نه لڳو ، 205 رپين تائين وڪرو: سون به 138600 رپين  جو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپيا اضافي سان 138200 مان 138600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  چاندي 10 رپيا واڌ سان 1480 مان 1490 رپين تي پهتي

ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو واڌ سان 201 مان 202 رپيا ۽ انٽر مارڪيٽ ۾ 198.39 مان 200 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته مارڪيٽ ۾  ڊالر  سڃاڻپ ڪارڊ  تي 204 ۽ بنا ڪارڊ جي 205 رپين تا ئين وڪرو  ٿيو، ٻئي طرف وپارين  موجب هلندڙ سال دوران ڊالر  42 رپيا مهانگو ٿيو آهي، ٻئي طرف  پائونڊ 243 ۽ يورو 201 رپين تي پهتا

هوڏانهن  معاشي ماهرن موجب امپورٽ بل ۾ واڌ ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا  گهٽجڻ سبب ڊالر  جي اگهه تي في الحال ڪنٽرول ممڪن ناهي، آءِ ايم ايف پيڪيج ملڻ بعد بهتري ايندي

ھي به پڙھندا

اوپن مارڪيٽ ۾ امريڪي ڊالر 200 رپين جو ٿي ويو