حيدرآباد(م ڊ) قصن ڪهاڻين واري ڇوڪرين جي قرآن سان شادي واري رسم هن جديد دور ۾ به موجود آهي، ان رسم جو  شڪار عورتون حيدرآباد ۾ موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ نجي ٽي وي چينل سما جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ڪڌي رسم اڃا به موجود آهي جنهن ۾ ڇوڪرين جي شادي قرآن پاڪ سان ڪرائي ويندي آهي. رپورٽ موجب ڏهاڪن کان عورتن کي ان ڪڌي ۽ غيراسلامي رسم جي ور چاڙهيو پيو وڃي جنهن ڇوڪري جي قرآن پاڪ سان شادي ڪرائي ويندي آهي ان کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي. کيس نه ته نوان ڪپڙا پائڻ جي اجازت هوندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن تقريب لاءِ هار سينگار ڪري سگهندي آهي، قرآن سان شادي ڪرايل عورت کي ستي سڏيو  ويندو آهي، اهڙي هڪ عورت حيدرآباد ۾ ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته 29 سال ٿي ويا آهن مون پنهنجي ڪمري کان ٻاهر جي دنيا نه ڏٺي آهي، سڄي زندگي پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نه نڪرنديس ۽ مرڻ کانپوءِ مون کي رات جي اوندهه ۾ دفنايو ويندو. هن ٻڌايو ته والد جي لاڏاڻي بعد ڀائرن جائداد جي لاچ ۾ منهنجي شادي نه ڪرائي، چيو ويو ته شادي ڪئي ته ملڪيت اسان جي هٿن مان نڪري ويندي قرآن شريف منهنجي سامهون رکيو ويو ته اڄ کان تنهنجو سڀ ڪجهه هي ئي آهي. ائين نه ڪيو ته اسان خودڪشي ڪري ڇڏينداسين. ۽ ان کان اڳ توکي به ماري ڇڏينداسين، انهن جي عزت جي ڪري مون اها ڳالهه مڃي. ٻئي طرف مفتي وسيم بندگي چيو ته اها رسم ظلم جو پورو مجموعو آهي، وراثت کسڻ، شادي جو حق نه ڏيڻ، آزادي کسڻ، گهر ۾ قيد ڪرڻ انتهائي وڏا ظلم آهن. اهو عمل غير شرعي ۽ غيراسلامي آهي. رپورٽ ۾ عورت جو نالو يا سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي.