حيدرآباد ۾ انبن جي نمائش، سنڌڙي انب ماڻهن جي خاص توجهه جو مرڪز

0
591

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ هڪ ڏينهن لاءِ انبن جي ورچوئل نمائش لڳائي وئي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومري انبن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. حيدرآباد اسپورٽس ڪلب ۾ لڳل انبن جي نمائش ۾ انبن جون 100 کان وڌيڪ جنسون رکيون ويون. سنڌڙي انب ماڻھن جي خاص توجھه جو مرڪز رهيو. نمائش ۾ سنڌڙي کانسواءِ چونسو، انور رتول، بيگن پالي، لال بادشاھ، دسهڙي، رستم گولو، ڪليڪٽر، سونارو، پاڳارو، سرولي، نيلم، طوطا پري، فجري، صالح بار، سدا بهار، ڪارو پٿر، سانوڻ سرولي، ديسي دسهڙي ۽ ٻيون جنسون به نمائش لاءِ رکيون ويون هيون. انبن کانسواءِ ڦاروا، ڪيلا، چيڪو، گلاب، ڊاک، ٻيا ميووا ۽ ڪجھه ڀاڄيون به نمائش ۾ رکيون ويون، نمائش دوران سيمينار به ٿيو، جنهن کي زرعي يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر فتح محمد مري، آبادگار اڳواڻ سيد محمود نواز شاھ، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، آغا ظفرالله، محب مري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته انبن جي ورچوئل نمائش سان سنڌ جي انبن کي ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي. هنن چيو ته ورچوئل نمائش کي مختلف ملڪن جي سفيرن به ڏٺو آهي. اهي سفير سنڌ جي انبن کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ ايڪسورٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومري چيو ته سنڌ جا انب ڏيهان ڏيھه مشھور آهن. نمائش جي ڪري اڃا به انبن جي ايڪسورٽ ۾ اضافو ٿيندو. هوڏانهن نمائش ۾ مرحوم ايم ايڇ پنهور فروٽ فارم پاران سڀ کان وڌيڪ انبن جون 40 جنسون نمائش ۾ رکيون ويون.