ڏهرڪي ۾ هندو پنچائت جي مکپڻ واري اليڪشن کانپوءِ هندو پنچائت ۾ تڪرار تيز

0
346
اوٻاوڙي مان مبينا

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ هندو پنچائت جي مکپڻ واري اليڪشن کانپوءِ هندو پنچائت ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، هڪ ٻئي مٿان الزامن کانپوءِ معاملو ٿاڻي تي پهچي ويو، پنچائت جي پريس سيڪريٽري جي اميدوار 7 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد ڇڪتاڻ تيز ٿي ويو، ٻه هفتا اڳ ڊاڪٽر شيوڪ رام ۽ انيل ڪمار وچ ۾ اليڪشن ٿي جنهن ۾ انيل ڪمار مکي چونڊجي ويو هو جنهن کانپوءِ تڪرار تيز ٿي ويو ۽ ٻه ڏينهن اڳ شيوڪ رام جي پينل جي کٽي آيل پريس سڪيرٽري مٿان هڪ هندو عورٿ سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جو الزام هنيو ويو هيو، وجي ڪمار عرف وجن وري ڏهرڪي ٿاڻي تي اڳوڻي مکي جي نامو مل جي پٽ وڪرم لعل ,شنڪر لعل ,وڪيش ,سني ڪمار سميت 7 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ، جن مان ٻه ڄڻا سني ڪمار ۽ شنڪر گرفتار ٿي ويا، وجن ڪمار ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته مخالف گروپ حلف کڻڻ کان روڪيو ان ڪري اغوا ڪري کڻي ويا، جڏهن ته مکي انيل ڪمار جو چوڻ آهي ته بس سياسي مخالفت جي ڪري سڀ ڪجه ٿي رهيو آھي ,وجن ڪمار ڊاڪٽر شيوڪ جي پينل جو هيو جيڪو کٽي آيو هو ان کي ڪيس داخل ڪرائڻ نه گهرجي ها.