حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ بار جي صدر محمد يوسف لغاري پاران جاري سرڪيولر ۾ ملڪ جي صدر، نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو آئين موجب 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائين ڇاڪاڻ ته 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي نفي جي مترادف هوندي. هن چيو ته ملڪي آئين جي روح مطابق عمل ڪري آئين کي نظرانداز ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن فوري طور تي عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري. بار جي صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن نئين تڪبندين جي حد بندي واري عمل کي شروع ڪري ته جيئن 3 مهينن دوران تڪبندين وارو مرحلو به مڪمل ٿي سگهي ۽ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ بابت آئيني شقن کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارا به تحرڪ وٺن ته جيئن مقرر وقت تي چونڊ وارو عمل يقيني بڻجي سگهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون ته آئين جي نفي جو پنڊورا باڪس کلي ويندو ۽ عوام توڙي آئين پنهنجي تشريح پاڻ ڪرڻ شروع ڪندا. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن موجب ته اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آئين جي روح مطابق عمل ڪندي فوري طور تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪن. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران جاري سرڪيولر بابت بار آفيس جي اسسٽنٽ محمد وسيم خواجه جو چوڻ آهي ته هن ڪاپيون لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن.