اسلام آباد (بيورو رپورٽ/ م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عوام کي بجلي جا بل ڀرڻا پوندا، رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهايون پيا، ٻن ڏينهن اندر رليف جو اعلان ڪنداسين. اسلام آباد ۾ سينئر اينڪر پرسنز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون، 48 ڪلاڪن اندر بجلي تي رليف جو اعلان ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪو بحران ناهي، حالتون ڏکيون آهن پر جلد ڪنٽرول ڪري وٺنداسين. بجلي بلن جو مسئلو ضرور آهي پر هي امن امان جو مسئلو ناهي جو هڙتالون ڪن. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بجلي بلجن جي مسئلي کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي. هڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ملڪ ۾ افراتفري پکيڙي پئي وڃي. هن چيو ته سياسي پارٽين کي اليڪشن وڙهڻ گرجي، اهو سمجھه ۾ به اچي ٿو. سندس چوڻ هو ته آءِ پي پيز، لائن لاسز ۽ بجلي چوري جي ڪري بجلي مهانگي آهي. پاڪستان ۾ ايماندارن کي چوري ڪندڙن جا پيسا ڀرڻا پئجي ويندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ توانائي بچائڻ جو ڪو تصورر ئي ڪونهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ۾ چار پنج ايرياز آهن جتي سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي. ٽن چئن سالن ۾ 60 کان 70 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان هن وقت به ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. نگران وزيراعظم وضاحت ڪئي ته سمورن ادارن کان پڇيو آهي ڪيتري مفت بجيل استعمال ڪن ٿا. فوج هڪ يونٽ به مفت ۾ استعمال ناهي ڪندي.بلن واري معاملي تي آءِ ايم ايف سان رابطي ۾ آهيون، جلد نتيجو سامهون اچي ويندو. ايف بي آر وٽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي طاقت ناهي. هن چيو ته قانون سان گڏ بيٺا آهيون، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. اليڪشن جي تاريخ بابت سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلوڪندي ان تي به عمل ڪنداسسين. هڪ سوال جي جواب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته کنڀي گم ڪيلن جو معاملو تمام ڳنڀير آهي. عمران رياض جي گمشدگي بابت بنا ثبتون جي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهيان. رياستي رٽ چيلينج ڪندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو. فوجي آفيسر کي نادرا چيئرمين مقرر ڪرڻ بابت  نگران زويراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيوته نادرا چيئرمين جي مقرري لاءِ اسپيشلائزڊ ماڻهو جي ضرورت هئي. دهشتگردي ۽ حساس معاملن نظر ۾ رکندي نادرا ترميمون ڪيون ويون. بدقسمتي سان آمريڪا افغانستان مان صحيح طريقي سان نه نڪتو. هن چيو ته هن چيو ته ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي لکت ۾ سندن هدف ٻڌايا ويا آهن.