حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي اميدوارن جا فارم رد ٿيڻ ۽   آر او خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي خادم شورو، آغا عباس پٺاڻ، زينت سمون، بختاور چنڊ، راڻي ڪوري، نذير بليدي، الطاف خاصخيلي، معشوق چانڊيو  ۽ ٻين چيو ته قاسم آباد ۾ حڪمران جماعت پنھنجي من پسند عملدارن کي آر اوز مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي هينئر کان ئي اليڪشن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. اڳواڻن چيو ته آر او  قومي عوامي تحريڪ جي اميدوارن خادم شورو ۽ ٻين جا بنا جواز نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيا آھن، ايم ڊي واسا به بااثر اميدوارن لاءِ سھولتڪاري جو ڪردار ادا پيو ڪري. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي.