حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي اڃا تائين ڪتاب فراهم نه ٿي سگهيا آهن. تعليم متاثر ٿيڻ بعد شاگرد تعليم کاتي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن. ان حوالي سان گول بلڊنگ وٽ قائم تاريخي نول راءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ڪورس نه ملڻ خلاف اسڪول کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شاگردن باسط علي، حسنين علي، ساگر، عزيفه ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي جي حڪم بعد سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي سمورا ڪتاب فراهم ڪري ٿو پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود کين ڪتاب فراهم ناهن ٿي سگهيا. هنن چيو ته ڪتاب ڇپيل نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي ڪورس فراهم نه ڪيو ويو آهي پر مارڪيٽ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ڪتاب وڪرو ٿي رهيا آهن. شاگردن چيو ته ڪتاب نه هئڻ سبب سندن تعليم متاثر پئي ٿئي،  هنن تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن کين فوري طور ڪورس فراهم ٿي سگهي.