گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ وارهه روڊ، گاجي کهاوڙ – نصيرآباد روڊ تي جر کارو هجڻ ڪري ٻوڏ متاثر نينگريون ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن. ٻوڏ متاثر نينگرين ٻڌايو ته اسان کي روڊ تي هڪ مهينو ٿي ويو آھي، پر اسانکي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ راشن به نٿو ملي، جنهن ڪري فاقا ڪشي واري زندگي گذاريون ٿا، جڏھن ته پيئڻ جو پاڻي نه هجڻ ڪري 3 ڪلو ميٽر پري نلڪن تان پاڻي ڀري اچون ٿا ۽ رستن تي ساهيون پٽي پٽي پوءِ پنڌ پاڻي کڻي اچون ٿا، پر سرڪار اسانکي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نٿي ڪري ۽ کارو پاڻي پيئڻ جي ڪري اسان بيمار ٿي پيا  آھيون، هنن مطالبو ڪيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.