حيدرآباد: اکين جي اسپتال ۾ رٽائرڊ ڪاموري جي مقرري، چيف سيڪريٽري کان جواب طلب

0
224
ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ
ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)  اکين جي اسپتال ۾ مقرر رٽائرڊ ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي

 سنڌ انسٽيٽيوٽ اوپٿال مولاجي (ايس آءِ او وي ايس) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري خلاف داخل درخواست تي عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري صحت کي نوٽيس جاري ڪندي کائن 17 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو

لمس جي پروفيسر ڊاڪٽر ارشد علي لوڌي بيريسٽر جاويد قريشي معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اکين جي اسپتال ۾ مقرر ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر لياقت خالد اقبال ٽالپر 31 نومبر 2020ع تي رٽائرڊ ٿي چڪو آهي، رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن سنڌ جي وڏي وزير کان ٻيهر چئن سالن لاءِ مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرايو

وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني 26  نومبر 2020ع دوران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل پروفيسر پهرين جنوري 2021ع کان 31 ڊسمبر 2024ع تائين چئن سالن لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بڻيل رهندو

ڄاڻايل نوٽيفڪيشن سپريم ڪورٽ جي فيصلن توڙي قانون جي خلاف آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اداري جي ٺهيل قانون ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رٽائرڊ عملدار ٿيندو

عدالت دليل ٻڌڻ بعد پي ايم اي، ايس آءِ او وي ايس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ لمس جي رجسٽرار کي به ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي