سجاول جي سياست ۽ پ پ جي رڌڻي ۾ رولو

0
146
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

 مشتاق سعيد سجاول مان لکي ٿو

گذريل عام چونڊن دوران سجاول ضلعي جي طاقتور سياسي خاندان، شيرازي ڀائرن کي پيپلز پارٽي پاران جيئن ئي ٽڪيٽون ڏئي کين پارٽي ۾ شامل ڪيو ويو آھي، تڏھن کان سجاول جي سياسي رڌڻي ۾ رولو، وقت بوقت ظاھر ٿيندو رھيو آھي، ضلعي جي سياسي صورتحال ۾ عجيب موڙ ايندا رھيا آھن، ۽ مقامي اڳواڻن وچ ۾ وقفي وقفي سان رسا ڪشي ۽ سرد اختلاف سامھون اچڻ ڪري، شھرين کي ھڪ اڻ لکو سياسي ٽڪنڊو نظر اچي رھيو آھي.

سياسي پنڊتن جي تبصرن مان تاثر ملي ٿو ته سياسي ٽڪنڊي جي ھڪ مضبوط ڪنڊ تي شيرازي خاندان آھي ته ٻي ڪنڊ تي ملڪاڻي سئوٽ ۽ ٽين ڪنڊ تي ريحانا لغاري، ھير سوھو ۽ ٻيا اڳواڻ ڏسڻ ۾ ٿا اچن، ظاھري طور ته جنھن به اڳواڻ سان ڳالھائجي ٿو ته ھو روايتي انداز وارو، اھو ئي پراڻو ۽ سطحي جملو ورجائي ڇڏيندو آھي ته پارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناھن، اسان سمورا اڳواڻ ڀائرن جيان گڏجي عوام جي خدمت ۾ رڌل آھيون، پر ھتان جا ووٽر، ڪارڪن ۽ سياسي صورتحال تي گھري نظر رکندڙ مبصر ڏسي سگھن ٿا ته اڳواڻن جي وچ ۾ ٿڌا شوڪارا ڀرڻ جھڙا تڪرار موجود آھن.

قصو ھن ريت شروع ٿيو ھو، جو پ پ اڳواڻن جو چوڻ آھي ته جڏھن ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ٻيلو شھر ۾ ڳاله ٻولھه ڪندي ڪجهھ اھڙيون ڳالھيون ڪيون ھيون، جن مان ٻين اڳواڻن اھو تاثر ورتو ھو ته شيرازي ھن ضلعي جي ٻئي ڪنھن به پ پ اڳواڻ کي ڪنھن ڪٿ ۾ ئي ڪونه ٿا آڻين…!، اياز شاھه شيرازي جي ڳالھه ٻولهھ واري وڊيو کي بنياد بنائي، ڪجهھ اڳواڻن قيادت آڏو فرياد ڪئي ته شيرازي ٻين اڳوڻن کي ليکي ۾ ئي ڪونه ٿا آڻين،

معاملي جو نوٽيس وٺو، قيادت پاران دانھيندڙ اڳواڻن کي ته الائي ڪھڙو جواب ڏنو ويو، پر ستت ئي سجاول ۾ صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو پاران کلي ڪچھري رکرائي وئي، جيڪا شروع ٿيندي ئي جھيڙو ٿي پيو ۽ ھڪ ڪارڪن مراد چانڊيو زخمي پڻ ٿيو ۽ کلي ڪچھري شروع ٿيندي ئي پڄاڻي تي پھتي، ۽ ضلعي اڳواڻ سخت ڪاوڙجي پيا،

ان واقعي بابت جڏھن صحافين پاران اڳواڻن کان سندن موقف معلوم ڪيو ويو تڏھن شيرازي ڌر جو چوڻ ھو ته: ھڪ منصوبي تحت ڪجهھ ماڻھن کي ڪچھري ۾ ان مقصد لاءِ آندو ويو ھو ته جيئن ھو شيرازين کي تنقيد جو نشانو بنائن ۽ منصوبي تحت ئي جھيڙو ڪرايو ويو، جڏھن ته ھير سوھو ۽ ريحانا لغاري جي موقف جو حاصل مطلب لڳ ڀڳ اھو ھو ته شيرازين جي حامين بلا جواز ڪارڪن تي تشدد ڪيو آھي.

معاملي تي ڌرين وچ ۾ اختلاف ۽ ڪاوڙ ايتري وڌي وئي جو قيادت پاران اعجاز جکراڻي کي معاملي جي رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي وئي، جنھن اڳواڻن کان معلومات ورتي، ۽ بحرحال قيادت کي حقيقتن کان آگاھه ڪيو، ان صورتحال دوران ڏسڻ ۾ اھو پئي آيو ته ھڪ پاسي شيرازي ڌر بيٺل ھئي ۽ ٻئي پاسي ھير سوھو، ريحانا لغاري ۽ ساڻن گڏ پ پ ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي پڻ ظاھري طور بيٺل نظر پئي آيو، ۽ ضلعي جا ھزارين ڪارڪن قيادت جو فيصلو ٻڌڻ جي انتظار ۾ بيتاب ھئا ته اجھو ٿي قيادت شيرازين خلاف سخت ڪارروائي ڪري ۽ اھڙا ڪارڪن جيڪي شيرازين سان دلي طور راضي نه ھئا،

اھي ملڪاڻي ۾ اکيون ٽڪائي ويٺا ھئا ۽ ضلعي صدر ملڪاڻي مان اميد پئي رکيائون ته ھو قيادت آڏو شيرازين خلاف سخت “اسٽينڊ” وٺندو، قيادت پاران اڃان ان معاملي بابت ڪو واضح فيصلو ئي نه ٻڌايو ويو ھو جو ايتري ۾ ميڊيا جي فورمن تي اھڙيون خبرون ۽ تصويرون نظر اچڻ لڳيون، جن ۾ ملڪاڻي ڪراچي جي ھڪ بنگلي تي شيرازين سان گڏ بيٺل نظر آيو، ۽ خبرون گردش ڪرڻ لڳيون ته ملڪاڻي ۽ شيرازي پاڻ ۾ ٺھي ويا آھن، اھڙو اوچتو انڪشاف ٿيڻ تي انھن ڪارڪنن جي اميدن کي ضرور جھٽڪو لڳو ھوندو جن چاھيو ٿي ته ملڪاڻي شيرازين خلاف سخت اسٽينڊ وٺي،

کين ان ڳالھه تي ڏک پھتو ھوندو ته اڃان جھيڙي واري واقعي جو قيادت ڪو مناسب نبيرو ۽ فيصلو پڻ منظر عام تي ڪونه آندو آھي، تيستائين ملڪاڻي پاران ٻين اڳواڻن کي نظر انداز ڪري شيرازين سان اڪيلي سر ٺاھه ڪرڻ جو مطلب آھي ته ھاڻي ھڪ ڀيرو ٻيھر محسوس ڪرايو پيو وڃي ته ضلعي اندر ٻين پ پ اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ وري به شيرازين کي سرسي حاصل ٿي رھي آھي. ان ملاقات بابت محمد علي ملڪاڻي  اھو چئي معاملي کي “بيلنس” ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان سڀئي پيپلز پارٽي ۾ گڏ آھيون،

ان ڪري ڪنھن دوست جي بنگلي تي گڏجي دعوت کاڌي آھي، پر جھيڙي واري معاملي جو حتمي فيصلو قيادت وٽ آھي اھو ڪيو ويندو. بحرحال عام شھرين کي اندازو ٿي ويو ته ھاڻي باقي ڪنھن فيصلي جي اميد اجائي آھي. ملڪاڻي پاران ڪارڪنن توڙي ٻين اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا اڪيلي سر شيرازين سان ٺاھه ڪرڻ مناسب نه ھو، چيو پيو وڃي ته اھڙي عمل بعد ريحانا لغاري، ھير سوھو ۽ غلام قادر ملڪاڻي واريون ڌريون پڻ محمد علي خان کان ناراض نظر اچي رھيون آھن.

         اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جي ترت ئي بعد، جڏھن پيپلز پارٽي پاران سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مھانگائي خلاف ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو تڏھن سجاول ۾ دلچسپ صورتحال سامھون آئي، سجاول ۾ نڪتل احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ڪرڻ لاء ٺٽي ضلعي جي گھوڙاٻاري واري تڪ تان چونڊيل ايم پي اي علي حسن زرداري سجاول پھتو ۽ احتجاج جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو، جنھن تي جھونن ڪارڪنن کي مٺيان لڳي ۽ عام شھرين کان اھي تبصرا ٻڌا ويا ته سجاول ۾ پ پ جي سمورن اڳواڻن کي نظر انداز ڪري،

گھوڙا ٻاري مان چونڊيل ايم پي اي کي سجاول موڪلڻ جي آخر ضرورت ڇو پئي؟ اھو عمل مقامي پ پ اڳواڻن جي اھليت ۽ مرڪزي قيادت پاران مٿن اعتماد تي سوال اٿاري ٿو. وڌيڪ دلچسپي جي ڳالھه اھا نظر آئي ھئي ته کلي ڪچھري ۾ جھيڙي دوران زخمي ٿيندڙ ڪارڪن مراد چانڊيو پڻ مھانگائي خلاف جلسي مان غائب ھو، سندس غير موجودگي ان ڪري ماڻھن ۾ بحث جو موضوع بنجي وئي جو ڪجهھ ماڻھن جو اندازو ھو ته مھانگائي خلاف احتجاج ۾ جڏھن شيرازين ۽ ٻين اڳواڻن جا حامي مراد چانڊيو سميت وري به احتجاج ۾ گڏ ٿيندا ته منظر ڏسڻ وٽان ھوندو، پر مراد جي غير موجودگي ڪجھه انومان پيدا ڪيا،

جنھن جي اصل حقيقت بابت بعد ۾ پ پ جي مک ماڻھن کان جيڪي ڳالھيون ٻڌڻ ۾ آيون، تن مان پتو پيو ته قيادت ئي ڪارڪن مراد چانڊيو جي اچڻ تي پابندي وجھي ڇڏي ھئي، جيتوڻيڪ ان ڳالهھ جي ڪا تصديق ته نه ٿي سگھي آھي پر پ پ جي ڪجهھ معتبر ماڻھن کان ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته ڄاڻايل ڪارڪن کي مھانگائي خلاف ڌرڻي ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ ضلعي صدر ملڪاڻي ئي ھدايت ڪئي ھئي.

  مٿين سڄي صورتحال جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ کانپوءِ مقامي سياسي مبصرن جو چوڻ آھي ته سبب ۽ ڳالھيون ظاھري طور ڪيئن ۽ ڪھڙي به روپ ۾ ھجن، پر ھر لحاظ کان نتيجو ھي ٿو نڪري ته کلي ڪچھري ۾ ٿيل جھيڙي کانپوءِ واري صورتحال شيرازين جي فائدي ۾ وئي آھي ۽  ساڳي وقت ڪجھه مبصرن جو خيال آھي ته محمد علي ملڪاڻي، اڳواٽ ئي شيرازين سان ويجھو ٿي، ضلعي اندر پنھنجي سياسي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سوچي رھيوآهي.