مانجھند: 6 مھينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر، تحفظ جي گهر

0
288

مانجھند (ن پ ا) نوشهروفيروز واسي پريمي جوڙو جاويد کوسو ۽ آسيا کوسو مانجھند پھچي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ تحفظ جي گھر ڪئي آهي، نوجوان جاويد کوسو چيو آهي ته پسند جي پرڻي ڪرڻ تان ڇوڪري جا وارث اسان ٻنھي جا جاني دشمن بڻجي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ چاھين ٿا، اسان جي زندگين کي خطرو آھي، نوشهروفيروز پوليس تحفظ ڏيڻ بجاءِ بااثرن جي ونگاري بڻيل آھي

آسيا کوسو چيو ته منهنجا مائٽ زبردستي منهنجي شادي منهنجي ناپسند شخص سان ڪرڻ پيا چاھين، ان کان بچڻ لاءِ پنهنجي چاھيندڙ جاويد کوسو سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي، پسند جي پرڻي بعد منهنجو پيءُ محبوب کوسو، ڀائر عبدالستار، جبار ۽ چاچا شھمير ۽ وزير قتل ڪرڻ چاھين ٿا

هنن چيو ته خوف گذريل 6 مھينن کان دربدر بڻيل آھيون، سکر عدالت حڪم باوجود نوشهروفيروز پوليس تحفظ فراھم نه پئي ڪري، آءِ جي سنڌ کي اپيل آهي ته قتل ٿيڻ کان بچائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

گهوٽڪي ڀرسان پريمي جوڙي تي مبينا حملو، عدالت پهچي جان بچائي