گهوٽڪي ڀرسان پريمي جوڙي تي مبينا حملو، عدالت پهچي جان بچائي

0
230

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي مٿان مبينا طور تي حملو ڪيو ويو، جوڙي عدالت پهچي پنهنجي جان بچائي ورتي آھي، کينجو جي رهواسڻ ناري سهڻي ملڪ ۽ نوجوان امير بخش شر جو چوڻ آهي ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد رشتيدارن قتل ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو، جن مان جان بچائي عدالت پهتا آهيون، هنن چيو ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد پوليس بااثرن جي چوڻ تي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهرن تي چڙهائي ڪئي ۽ گهرن اندر پيل سمورو سامان پوليس کڻي وئي، زندگي عذاب بڻجي وئي آهي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڏهرڪي جي کينجو واري علائقي جي رهواسڻ ناري سهڻي ملڪ ۽ نوجوان امير بخش شر قتل جي خوف کان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت پهچي پنهنجي وڪيل معرفت تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد رشتيدار شهزادو ملڪ، مير محمد، ساوڻ ملڪ ۽ ٻڍو ملڪ جان جا ويري بڻجي ويا آهن

جوڙي موجب ته بااثر مارڻ لاءِ تلاش ۾ نڪتل آهن، ڪنهن به ٽائيم تي قتل ڪري سگهن ٿا، عدالت سڳوري کي اپيل آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، گهوٽڪي جي عدالت داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي گهوٽڪي پوليس کان 16نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو هو

ھي به پڙھندا

مائٽ مارڻ چاهين ٿا، تحفظ ڏنو وڃي:پنجاب جو پريمي جوڙو اوٻاوڙو پهچي ويو