سول اسپتال خيرپور ۾ ڊاڪٽرز جي مبينا غفلت سبب نوجوان فوت، ڀڃ ڊاهه

0
186

خيرپور(ن پ ا) سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب نوجوان ساجد عرف ڪينسر سهاڳ فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي وارثن ڪاوڙ ۾ اچي اسپتال ۾ لڳل شيشي جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا، عملي سان منهن ماري ڪري سول اسپتال روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته گذريل رات ساجد سهاڳ جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس سول اسپتال کڻي آياسين پر ڊاڪٽرن سندس علاج نه ڪيو، جنهن ڪري نووان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي، غفلت ۾ ملوث ڊاڪٽرن جي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو فراهم وڃي