مائٽ مارڻ چاهين ٿا، تحفظ ڏنو وڃي:پنجاب جو پريمي جوڙو اوٻاوڙو پهچي ويو

0
287
مائٽ مارڻ چاهين ٿا

اوٻاوڙو(ن پ ا) پنجاب جي شهر صادق آباد جو پريمي جوڙو تحفظ لاءِ نيشنل پريس ڪلب اوٻاوڙو پهچي تحفظ جي گهر ڪئي آهي
ان موقعي تي طيبا آرائين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان سجاد علي ڪنبوهه سان بهاول پور جي عدالت ۾ شادي ڪئي، مون کي ڪنھن به اغوا ناهي ڪيو ۽ نه ڪنهن ڀڄايو آهي، مان پاڻ گهران نڪري شادي ڪئي آهي

ناري جو چوڻ آهي ته شادي کانپوءِ منهنجا وارث منير احمد آرائين، عمر رضا آرائين، وسيم رضا آرائين، نعيم رضا آرائين، ذيشان آرائين ۽ ٻيا مون کي ۽ منهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جي زندگي بچائي وڃي

جوڙي چيو ته اسان جي ڊي پي او رحيم يار خان، ڊي آءِ جي بهاولپور، آءِ جي پنجاب کان مطالبو آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري اسان مٿان داخل ٿيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي، هن وقت اسان دربدري جي زندگي گذاري رهيا آهيون، تحفظ ڏئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي