شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) قبرستان بچايو جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ الطاف سومرو، ڪامريڊ حبدار ميرجت، ايڊوڪيٽ ابرار سومرو، سماجي اڳواڻ معتبر چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عدالت جي حڪم کي به نظر انداز ڪري رھيا آهن، جنهن جو واضح ثبوت قبرستانن تان بااثر ماڻهن جي ٿيل قبضن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ آهي، ھنن انتظاميا کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن قبرستانن تان قبضا ختم نه ڪرايا ويا ته جلد سندن آفيسن آڏو ڌرڻو ھڻڻ سان گڏ توھين عدالت جو مٿن ڪيس داخل پڻ ڪرايو ويندو.