شھدادپور: ميڊيا آڏو زال کي قتل ڪندڙ جوابدار جو اعتراف، عدالت ۾ انڪار

0
334
شھدادپور: ميڊيا آڏو زال کي

شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ڀرسان زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هو اعترافي بيان تان ڦري ويو

ڳوٺ خان رند ۾ 4 ڏينھن اڳ جوابدار عبدالله رند پنهنجي زال ميرزادي کي مبينا گُھٽا ڏئي قتل ڪيو هو، مقتوله جي پٽ معشوق جي فرياد تي سندس ويڳي پيءُ عبدالله ۽ مختيار مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو

پوليس جوابدار عبدالله رند کي گرفتار ڪري مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مختيار قانون جي پڪڙ ۾ نه آيو

جوابدار ٽائيم نيوز کي ڏنل اعترافي بيان ۾ چوي ٿو ته زال درويش صفت هئي ۽ گھر ۾ جهيڙو ڪندي ھئي، تنگ ٿي کيس گھٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ واردات مٽائڻ لاءِ ڪُنري فرار ٿي ويس

جڏهن اڄ جوابدار کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو ته هن ڏوھ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

شھدادپور: زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ مڙس وڌيڪ ھڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي