شھدادپور: زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ مڙس وڌيڪ ھڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

0
260

شهدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ مڙس کي وڌيڪ ھڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. شاهپورچاڪر جي ڳوٺ ٺوڙڪي پور ۾ هڪ هفتو اڳ پنهنجي گهر واري شريمتي لڇمي ڀيل کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار راول ڀيل کي ٽن ڏينهن وارو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار کي ٻيهر سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس جي استدعا تي عدالت سڳوري جوابدار جي هڪ ڏينهن جي رمانڊ منظور ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هڪ هفتو اڳ جوابدار راول ڀيل پنهنجي گهر واري شريمتي لڇمي کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو، پوليس مقتوله جي پيءُ راجو ڀيل جي فرياد تي راول ڀيل خلاف قتل الزام هيٺ ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ھو.