هالا: شادي شده عورت ٻن ٻارن سميت چئن ڏينهن کان لاپته

0
297

هالا: ڳوٺ مينهون ماڇي جي رهواسڻ شادي شده عورت چئن ڏينهن کان ٻن ٻارن سميت لاپتا آهي، وارثن پاران ڳولا جاري آهي. ڳوٺ مينهون ماڇي جي رهواسڻ شادي شده عورت مسمات فهميده زال منٺار ماڇي چئن ڏينهن کان پنهنجن ٻن ٻارن 3 سالا نينگري مريم ۽ 6 سالا عيدن کي ساڻ ڪري گهران نڪري وئي آهي، سندس مڙس منٺار ماڇي پاران مقامي ٿاڻي تي اطلاع باوجود عورت ۽ ٻارن جو ڪو ڏس پتو نه ملڻ ڪري وارث شديد پريشان آھن، سندن گمشدگي جي رپورٽ مختلف ٿاڻن تي پڻ داخل ڪرائي ويئي آهي.