ڏهرڪي لڳ ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ باهه 5 گهر ساڙي ڇڏيا

0
238

ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي لڳ ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ باهه 5 گهر ساڙي ڇڏيا ,گهرن پيل سامان ۽ اناج سميت 6 ٻڪريون به سڙي مري ويون. تيز هوا سبب اک ڇنڀ ۾ پنج ڳوٺاڻن شهزادو گولو، اختر، فريد گولو، استر گولو جي گهرن کي باهه وڪوڙي ويئي، گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. واقعي واري هنڌ فائر برگيڊ جي گاڏين پهچي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ريسڪيو ٽيم جو چوڻ هو ته تيز هوا سبب باهه کي وسائڻ ۾ وڏي مشڪل پيش آئي.