ڪوئيٽا ۾ احتجاج تي ويٺل ينگ ڊاڪٽرز جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم

0
177
ڪوئيٽا ۾ احتجاج تي ويٺل

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) بلوچستان جي نئين وڏي وزير ڪوئيٽا ۾ احتجاج تي ويٺل ينگ ڊاڪٽرز  جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي ورتي آھي، وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته ڊاڪٽرز مسيحا آهن، کين رستن تي نه، پر اسپتالن ۾ ڊيوٽي تي هجڻ گهرجي

ھن چيو تھ حڪومت سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ينگ ڊاڪٽرز ڪميٽي اڳيان کُليل نموني پنهنجا مسئلا پيش ڪن، ڊاڪٽرز اسپتالن ۾ نه هوندا ته ڪنهن مريض جي حياتي وڃي سگهي ٿي، جنهن جو ازالو ٿيڻ ممڪن ناهي، ڊاڪٽرز کي ڌرڻا ۽ مظاهرا نٿا سونهن، حڪومت ڊاڪٽرز جا مسئلا نيڪ نيتي سان حل ڪرڻ گهري ٿي