شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس: ايم پي اي ڄام اويس سوڌو ٽن جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ

0
321

ملير (رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار ايم پي اي ڄام اويس سوڌو ٽن جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آھي، ملير جي عدالت جوابدارن کي 16 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي

پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ تي ايم پي اي ڄام اويس ۽ سندس گارڊز کي هٿڪڙيون لڳائي عدالت ۾ پيش ڪيو، جوابدارن ۾ گارڊ امير علي ۽ حيدر علي شامل آھن، عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت، اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي، جوابدارن جي پيشي جي موقعي تي وڪيل برادري طرفان نعريبازي ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

ايم اين اي عبدالڪريم ناظم جوکيو کي گهرايو ۽ قتل ڪري ڇڏيو: شهيد ناظم جي بيوه