ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي سڏ تي اڄ مهانگائي خلاف مظاهرو ڪيو پيو وڃي

0
346
ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي

ڪراچي:ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي سڏ تي اڄ مهانگائي خلاف مظاهرو ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عوام نااهل حڪومت خلاف مظاهري ۾ شرڪت ڪندو، حڪمرانن عوام تي مهانگائيءَ جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن

فضل الرحمان موجب حڪومتي صفن ۾ ڏار واضح ٿي رهيا آهن ۽ اُنهن ۾ ٻڏتر جي ڪيفيت آهي، ڪجهه بااثر قوتون حڪومت کي سنڀالي ويٺيون آهن، پارليامينٽ ۾ متحد اپوزيشڻ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، حڪومت کي هڪ قانونسازي ۾ شڪست ڏني اٿئون، ناڪامي جي خوف کان حڪمرانن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ئي ملتوي ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو سان اڌ ڪلاڪ جي ملاقات ۾ پي ڊي ايم بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي

ھي به پڙھندا

بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان پاران وفاقي سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق