ٺٽو (رپورٽر) جھمپير ويجھو احمد ڪول مائيننگ ۾ ڪم ڪرڻ دوران سر لڳڻ جي نتيجي ۾ مانجھد واسي 30 ورهين جو نوجوان پورهيت عاشق علي پٽ طيب علي مريداڻي ملاح سخت زخمي ٿي پيو، زخمي پورهيت کي ڪوٽڙي اسپتال نيو ويو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف جھمپير ٿاڻي جي ايس ايچ او امير بخش کوسو ٻڌايو ته فوتي پورهيت ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته اوچتو سر لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو، زخمي پورهيت کي ڪوٽڙي اسپتال نيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو آهي، هوڏانهن اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.