سجاول (رپورٽر) مسمات نور مڱڻهار جي ڀاءُ ارشاد علي مشهوري ڀيڻ جي آزادي لاءِ ايس ايس پي سجاول کي درخواست ڏني، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڀيڻ نور کي مڙس ڪافي عرصي کان ناحق قيد ڪري رکيو آهي، ڀيڻ ۽ سندس ٻارن کي جان جو خطرو آهي، نوجوان جي درخواست تي انچارج وومين پروٽيڪشن سيل ۽ ايس ايچ او سجاول ايريگيشن ڪالوني ۾ ڇاپو هڻي عورت نور کي سندس ٻارن سميت بازياب ڪرائي ورتو ۽ سندس مڙس اسلم مڱڻھار کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ان موقعي تي متاثره عورت ٻڌايو ته مڙس نشو ڪندو ڪري مارڪٽ ڪندو هو ۽ مائٽن سان ملڻ نه ڏيندو هو، جڏهن ته پوليس بيان بعد عورت کي والدين حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي اسلم مگڻهار چيو ته نشو ڪندو آهيان پر زال يا ٻارن تي تشدد ڪرڻ جو الزام غلط آهي.