ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ٻانڌي واسي نوجوان قتل، ان ڏس ۾ بلال ڪالوني جي گبول چوڪ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 40 ورهين جي مسعود پتافي کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب مسعود پتافي 2019ع ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان سندس سالا ناراض هئا جوابدار فائرنگ ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، پوليس موجب مقتول مختلف ڪمپنين ۾ ٺيڪيداري ڪندو هو