جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو!

0
125
سنڌ ۾ ڪارنهن جو ڪاروبار ۽ ڪوٽن جون قيدياڻيون

پختون يا پٺاڻن جا اسان جي پيار پرڳڻي سان پيچ پختا قطعي ڪو نه رهيا آهن اها پختگي ۽ پائيداري جي مڙني پهلوئن ۽ پاسن کان پرڀري پاڻ وهيڻي پبلڪ آهي، مهمانوازي جي مڙني مندرجات کان منحرف، ناتن جي نزاڪتن کان نهايت نپٽ، دوستي جي دستوري درجات کان دور، خانه بدوش خيالن واري خلق آهي بلڪه گوري جي گويائي موجب لالچ تي لڇڻن کان لاتعلق ٿي لحظي ۾لال مان لڏون ٿيو پوي. هن موبائل مخلوق پاران سنڌ تي برپا ڪيل مصيبتون ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ گذريل پنجن صدين کان وٺي سوائي سان قائم آهن، سندن اوچتي ۽ امالڪ ارهه زوراين جو آغاز 1485ع کان شروع ٿي، 1834ع ۾ سکر ۾ کرڙي جي مقام تي خوني خاتمي کانپوءِ نئين نياپي سان نروار ٿيو، جنهن ڪري انهن خدشن کي خاطر ۾ رکندي گرهوڙ جي گوهر نامدار حضرت عبدالرحيم منڱريو اهو جهانديده حملو جوڙيو ته جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو.ايراني ايندا نهوڙي نيندا.

شاهه بيگ ارغون شوخي سنڌ سٺي جنهن جي سربراهي ۾ سنگين واردات وقوع پذير ٿي هن جي لشڪر 1485ع ۾ ڳاها ۾ ڳاهٽ ڪري باغبان ۾ باهيون ڏيئي لال لهولهان ڪري بٺين ۾اڇلائي مقامي باشندن سان بيشمار بي واجيون ڪري ويندي ويلي مڻن ۾ مايا ميڙڻ سان گڏ نار ۾ وهندڙ هڪ هزار اٺ ڪنواٽن سميت ڪاهيندي دير نه ڪئي.ان افغاني انجمن جي ارغون جي ايذائن، ترخانن جي طرحين طرحين جي تعدين، ابدالي اذيتن، خراساني خرمستين، نادر شاهي ناجائزين. مددخان پٺاڻ جي مهامارن ۽ شجاع شاهي ڪهري ڪيڏارن سبب سنڌ سان ڪلور ڪيا آهن تن جي جهلڪ خليفي نبي بخش لغاري جي ڪلام ۾ بيان ڪيل آهي ته:

کرڙي کائي ماهه، پيئي رت پياليون

ويٺي سڏي ساهه، جو ڏيندو سر ڏياچ جيان

خليفو صاحب وري سفاڪ شاهه شجاع کي مخاطب  ٿي چوي ٿو ته:

شجاع سنڌ ۾نه  ويهه،اوڏا اوڏي نجهرا

هي تنين جوڏيهه، حامي حيدر جن جو.

هنن پٺاڻن جي پيڙهه پٽڻ لاءِ خليفو صاحب جي حلالي پٽن ياسن آف سوائل Sun of soil کي حشي ڏيندي هدايت ڪري ٿو ته:

ڪانئر سندي ڪن تي، ٻولي هڏ نه ٻند

مرته موچارو ٿئين، هي نه موٽڻ مند

ڪڇن منجهان ڪند، پتي ڪڍ پٺاڻ کي

ان کانسواءِ ماضي قريب جا ڪجهه قصا اوهان جي ڪنن آڏو آڻي پوءِ پيرائتي پچر ڪريان ٿو.

عثماني خلافت سان خيانت وارو سلسلو شروع ٿيو ته انڊيا ۾ انگريزن سان عدم تعاون جو اعلان ٿيو، خلافتي تحريڪ جي تشڪيل ٿي ته ان جي خالق ديوبندي درويش ۽ داناءُ مولانا محمودالحسن مدني جي هدايت تي مولانا عبيدالله سنڌي خلافتي خرقو پائي ڪابل ڪوچ ڪيو، جتي هن باريش بزرگ سان بيواجبيون ڪيون ويون ۽ ڪيترن ئي ريشمي رومال وارن راڻن سان روگردانيون ڪرڻ کانسواءِ الهه تلهه وڃائي الله توهار ڪري افغانستان پهتل هجرتي تحريڪ سان مهمانوازي جي منافي هيڪاندا هاڃا ڪيا ۽ لالن کي لٽي تن ۽ بدن تان ليڙا به  لاهي ويا ۽ بئريسٽر رئيس جان محمد مرحوم جي قيادت ۾ ويندڙ قافلي ۾ جوانن جي جملي جماعت سان جيڪي جٺيون ڪيون سي وسارڻ واجب ناهن!

ان کانسواءِ سرحدي سپوت يا سرحدي گانڌي سر جيمس جي سڏ کي سڀاويڪ سمجهي چارسده  ۽ ولي باغ جي وٿاڻن جي چاچن مامن کي سڏي سانگهڙ سيڌو ڏيئي روانو ڪري مکي جي مانجهين جي ماري تي مرڪوز ڪيو جتي سندن ڳوٺن ۾ آئي ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هن نگري ۾ نانانڻ کي نينڍ ڏني پئي وڃي، هتي باچا خان جي باقيات شاهي سيد جو تازو تلخ بيان به  سامهون آيو آهي جنهن ۾ چيو آهي ته “سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ صرف سنڌي ماڻهو آهن جيڪو سٺو سنئوڻ ڪين آهن” جنهن تي سنڌي ماڻهن ڪاوڙ جو ڪارائتو اظهار ڪيو آهي، سندس بيان جي سنگيني سمجهڻ لاءِ شاهي واري سنگت جي سرواڻ ولي خان جي ان بيان جو ورجاءَ وڌيڪ ضروري آهي جيڪو هن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي مخاطب ٿي جاري ڪيو هو جيڪو ڀٽي صاحب جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ڦاسي جي سزا واري سمي لکيل انگريزي ڪتاب If i am assassinated ۾ بيان ڪيو آهي ته “آئون مسٽر ڀٽو کي چوان ٿو ته اوهان جو سر به گوشت جو ٺهيل آهي.گولي جي اک ناهي هوندي اگر اها هڪ ڪتي جي سر کي لڳندي آهي ته اها وزيراعظم جي سر کي به لڳي سگهي ٿي. اگر صدر ڪينيڊي ۽ لياقت علي خان قتل ڪري سگهجن ٿا ته تون ڪير آهين، جنهن کي زنده ڇڏيو وڃي؟ اسان طورخم جي زنجير اتان لاهي مرگله ۽ چمن (جون زنجيرون) جيڪب آباد تائين لڳائي ڇڏينداسين. وڌيڪ ته اگر آئون ڪهڙي به طرح ڀٽو مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهان ۽ ڪو منهنجي مدد لاءِ تيار هجي، خواهه شيطان ئي ڇو نه هجي. آئون ان سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار آهيان.” (ص 262)

سو ڀاءُ مٺا! هاڻ چمن ۽ طورخم جا تاڪ لهي چڪا آهن، لالن جا لشڪر لڳاتار سنڌ ڏانهن ڪاهيندا پيا اچن، ڪشمور کان ڪراچي، ڪيٽي بندر ڪاڇي ۽ ڪوهستان کان هنن قافلن بابت ڇا ڪڇون؟ ۽ ڪارونجهر کان ڇا پڇون؟ ڪشمور، گڊو، ديره موڙ تي افغان بستيون مريد شاخ، ماڇڪو، ڪمون شهيد، ڪيهر ڳوٺ ۾ هنن جي رهائش واريون رهزن بستيون اڏجڻ کانپوءِ جيڪب آباد جي جوءِ قيدي شاخ جي ڪڇ کان وٺي قمبر، لاڙڪاڻي، سکر ۽ شڪارپور ۾ مني باڙا مارڪيٽ جي مينوفيڪچرنگ کانپوءِ حيدرآباد تائين خدا جي بستي تائين هي خلق خاموشي سان خيما کوڙيندي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ بلال ڪاڪا ۽ رحيم بخش پاران رانجهاڻي واري رهزني ته رڳو ريهرسل ۽ ٽيسٽ ڪيس آهي، تير تفنگ ته اڃا تيز ٿيڻا آهن. وڏي ڳالهه ته اها آهي طالبان تمن  مڙيئي مال موڪلي سنڌ ۾ مارڪيٽن جي مينوفيڪچرنگ کان علاوه پائيدار قسم جا پئٽرول پمپ، سرن جا بيشمار بٺا، هيڪاندي حساب ۾ هوٽل ۽ هٽ قائم ڪري اهميت حامل علائقن کي آڪيوپائيڊ پيا ڪن ۽ ڪيترن ئي طريقن سان سنڌ ۾ نئين ڪابل جا ڪک پيا اڏجن. چرس آفيم، آئيس ۽ چورو چانهه، ڪشش، ڪپڙا ۽ کٿا کنيون هي موبائل مافيه يهودين جي فلسطين سان ياريون باشيون ڪري سندن اڏاوتن ۽ الهه تلهه جو اندازو لڳائڻ جي سروي جيان هي ساڳيو ڪم بيس مضبوط ڪرڻ جو بندوبست پئي ڪري. سنڌين جو حال اهو آهي ته سنڌ جو هڪ سرڪردو شخص جنهن جي ذهن تان سوين سال گذرڻ کانپوءِ به پٺاڻڪو پاپي زنگ ذرو به ڪو نه لٿو آهي، جنهن پٺاڻن کي متحد ڪرڻ جي مهم هلائي آهي، جنهن ۾ سندن ايسوسيئيشن جو اهم اڳواڻ اهڙو هڪ افغاني پٺاڻ رکيو آهي، جنهن کي سنڌي ٻولي به ڳالهائڻ نٿي اچي!!

عرض آهي ته 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب ڪراچي ضلعي ۾ ڪل ساڍا ست هزار پشتو ڳالهائيندڙ پٺاڻن جي پبلڪ هئي، جيڪا 1981ع آدم ڳڻپ ۾ 83 هزار جي انگ تي پهتي، جنهن مان 70 هزار کان وڌيڪ آبادي ڪراچي ۾ هئي. ان بعد اها آبادي 1998ع ۾ وڌي پوڻا 13 لک تي پهتي ۽ 2017ع ۾ وڌي وڻ تي وڃي 27 لکن جي ليکي کان مٿي چڙهي. جڏهن ته پٺاڻ قيادت اهو انگ 50 لک کان مٿي ٻڌائي رهي آهي.

افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه جو ڪابل ۾ شاهي محل يا قصر سلطاني جو نالو “قصر دل ڪشا” آهي، جنهن ساڳئي نالي سان سندس مائٽياڻي مخلوق ميرپور خاص ۾ “قصر دل ڪشا” قائم ڪئي آهي، جتي سندن سئوٽاڻ کي سڏي سندن سنڌ ۾ پکيڙ کي پائيدار بڻايو پيو وڃي، جنهن الميي تي اهي لفظ چئي ليلائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو:

ڳجهون ڳاڙهي وات، مون لمندي ڏٺيون،

جيڪس مانجهي ماريا، رڻ ۾ پين رات،

پڪارون پرڀات، ٻڌم ٻانهيارين جون.