پڙهائي جي لاءِ عقلي سمجهاڻي ۽ اڳواٽ حڪمت عملي

0
161
عمران خان جا انگل، نيوٽرل جي نهڪر ۽ اتحادين جون اميدون

  توهان کي ڪيئن لڳندو جڏهن مان توهان کي هي ٻڌايان ته ڏهين ڪلاس جي هڪ شاگردياڻي کي ان وقت، جنهن وقت انگريزي ڪتاب جو هڪ سبق “ڊگنٽي آف ليبر” پڙهائي ۽ سمجهائي رهيو هيس، ۽ ان سبق ۾، جڏهن اخبار جو ذڪر آيو ته مونکان هي پڇا ڪئي ته سر، اخبار ڇا ٿيندي آ، ۽ اها ڪهڙي دڪان تي ملندي آهي؟ منهنجي ته حيرت جي حد ئي نه رهي ته هڪ اهڙي نينگري جيڪا پنهنجي زندگي جا نَوَ سال تعليم کي ڏئي جڏهن ڏهين درجي ۾ پهتي آهي ته ان کي هي خبر ناهي ته اخبار ڇا ٿيندي آهي! مون ان اديِءَ کي ٻڌايو ته اخبار اها شيءَ آهي جيڪا اسان کي جڳ جهان جون خبرون ڏيندي آهي، پنهنجي ملڪ جي تازين حالتن جي باري ۾ ٻڌائيندي آهي، ۽ سنڌ ۾ ڇا وهي واپري ٿو ان جي باري ۾ پڻ اسان کي ڄاڻ ڏيندي آهي. هن پنهنجي پهرين سوال جي ٻئين حصي کي دهرائيندي پڇا ڪئي ته سر، اها ڪهڙي دڪان تي ملندي آهي؟ مون هن کي ٻڌايو ته اها هتي شايد ڪنهن دڪان تي نه ملندي هجي پر اخباري هاڪر گهرن ويٺي ڏئي ويندا آهن ته هن ٽيون سوال ڪيو ته سر، اخباري هاڪر ڇا ٿيندا آهن؟ مون ان جي باري ۾ سڄي ڪلاس کي سمجهايو ۽ ٻڌايو. ساڳئي سبق جي عقلي سمجهاڻي (ريڊنگ ڪمپريهينشن) ۽ اڳواٽ پڙهائي واري حڪمت عملي (پري ريڊنگ اسٽريٽجي) دوران جڏهن اي ميل جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هئس ته وري به پوري ڪلاس ۾ سواءِ هڪ ٻن ڇوڪرين جي ڪنهن کي به هي ڄاڻ نه هئي ته اي ميل ڇا ٿيندي آهي! جڏهن اي ميل ٺاهڻ، استعمال ڪرڻ ۽ ان جي اهميت جي باري ۾ بيان ڪيو ته ڪجهه شاگردياڻين چيو ته اسان وٽ ته موبائل به ڪانهي، اسان اها ڪيئن تيار ڪنداسين. پڇا ڪيم ته گهر ۾ ڪو ليپ ٽاپ يا ڊيسڪ ٽاپ پر پوري ڪلاس جو ساڳيو حال: ليپ ٽاپ ۽ ڊيسڪ ٽاپ جي باري ۾ به ٻڌائڻو پيو ته اهي ڇا ٿيندا آهن، ۽ هي سڀ شيون اڄڪلهه جي دڙڪائتي (چئلينجنگ) ماحول ۾ ڇو ضروري آهن. پر ڪلاس کان جڏهن هي پڇا ڪئي ته ڀلا واٽس ايپ ۽ فيس بوڪ جو استعمال ڪنديون آهيو ته سڀئي کليون. گڏيل جواب آيو ته جي سر. مون چيو ته پوءِ توهان ڪوڙ ٿيون ڳالهايو ته اسان کي موبائل ڪانهي ڪا. سڀني چيو ته سر، گهر وارا ناهن ڏيندا، دڙڪا ڏيندا آهن. تنهن تي مون چيو ته، اهو هاڻي توهان جو ذاتي مسئلو آهي پر اسان کي دنيا سان گڏ گڏ هلڻو آهي. شين جي جائز ناجائز استعمال جي باري ۾ تعليم ۽ تربيت ته ڏئي سگهجي ٿي پر بندش سٺو سنئوڻ نه آهي. شروع وارن ڏينهن ۾ پڙهائڻ دوران مون انگلش ٽو انگلش ٽو سنڌي (انگريزي کان انگريزي کان سنڌي ) لغتون خريدڻ جو به چيو هو پر ان تي به ٻارن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. ٿلهي ليکي هي ڳالهه محسوس ٿي ته اسان جا پيءُ ماءُ ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ ڇا سمجهي داخل ڪرائين ٿا؟ ڇا داخل ڪرڻ جو مقصد هي اٿن ته هنن جي ٻارن کي سڀڪجهه اچي ويندو ۽ سرڪاري اسڪولن کان بهتر تعليمي ماحول ۾ تعليم پرائيندي اڳتي وڌندا رهندا! ٻارن جا والدين پنهنجي هر ان ذميداري تي ڪنهن به قسم جو ڪو ڌيان نٿا ڏين جيڪا ذميداري اصل ۾ هنن جي ئي آهي. ٻارن کي خانگي اسڪولن يا سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ جو مقصد ڪڏهن به هي نه آهي ته والدين پنهنجين ذميدارين کان آجا آهن. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته جڏهن ٻارن کان هي پڇا ڪيون ٿا ته ڇا توهان جا والدين توهان جون ڊائريون چيڪ ڪندا آهن ته جواب ٿو ملي ته اسان وٽ ته ڊائري ئي ناهي، چئون ٿا ته پاڻي ۽ لنچ ڇونه ٿا کڻي اچو ته جواب ٿو ملي ته گهر وارا چوندا آهن ته اسڪول ڇاجي لاءِ آهي. پاڻي اتي وڃي پيئجو.

سنڌي ٻولي جيڪا هر ان ٻار کي لازمي پڙهڻي آهي جيڪو سنڌ جو اصل رهاڪو آهي ۽ 1972ع واري سنڌي ٻولي ايڪٽ جي نتيجي ۾ ان ٻار کي به سولي سنڌي پڙهڻي آهي جيڪو ٻاهريون يا ان جي مادري زبان سنڌي نه آهي. جڏهن نائين کان ٻارهين درجي وارن ٻارن جي پڙهت (ريڊنگ) ٻڌي ته حال صرف خراب نه پر تمام خراب نظر آيو. جنهن تي ٻئي ڀيري لکبو. هتي سنڌي جي مضمون جو ذڪر ڪنداسين ته اهو اسان جي ٻار کي نائين ۾ ته پڙهايو ٿو وڃي پر ڏهين درجي ۾ ڇونه، وري فرسٽ ايئر ۾ نٿو پڙهايو وڃي ۽ سيڪنڊايئر ۾ پڙهايو ٿو وڃي يعني ٻن سالن جو مڪمل وقفو. سنڌي مضمون کي تعليم جي هنن اهم ڏاڪن تي ڇو ڪونه ٿو پڙهايو وڃي. ان جا ڪهڙا سياسي يا سماجي سبب آهن اسان سڀ ڄاڻون ٿا پر سڄي سنڌ ۾ جڏهن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون کي هفتي ۾ صرف ٽي يا ٻه پيرڊ ڏنا وڃن ته اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اسان جي ٻولي سان ڪهڙو نه ناحق ڪيو پيو وڃي. سنڌي ٻولي کي اهميت نه ڏيڻ واري ڪوتاهي جيڪڏهن سرڪار جي کاتي ۾ وڃي ٿي ته ان سان گڏ ٻارن جا والدين ۽ اسڪولي انتظاميا به برابر جا شريڪ آهن. ايئن ئي هڪ ڏينهن جڏهن ڪنهن ادڙيِءَ کان نالو پڇيم ته چيائين سر، منهنجو نالو بينظير آهي. مون هن کان سندس جي نالي جي معنى پڇا ڪئي. نه آئي. وري پڇيم ته ڀلا بينظير کي سڃاڻين ٿي؟ جواب ڏنائين جي سر، وزير اعظم هئي. چيم وزيرِاعظم ڇا ٿيندو آهي؟ جواب خاموشي. ڀلا ڪهڙي ملڪ جي وزيرِاعظم هئي. جواب آيو پاڪستان. پر توهان کي هي خبر ناهي ته وزيرِاعظم ڇا ٿيندو آهي يا ڇاکي چوندا آهن. ساڳيو سوال پوري ڪلاس کان ڪيو پر مطمئن ڪندڙ جواب نه مليو. بعد ۾ ملڪي سربراهن جي عهدن ۽ انهن عهدن جي ذميدارين کان پوري ڪلاس کي آگاهي ڏني ۽ پاڪستان جي نظامِ حڪومت جي باري ۾ ٻڌايو ته هتي وزيرِاعظم به آهي ته صدر به آهي ٻنهي جا ڪهڙا ڪهڙا اختيار ۽ جوابداريون آهن اهو پڻ ٻڌايو. جڏهن ته ٻارن کي هي به ٻڌايو ته گهڻن ملڪن جا سربراهه يا وزيرِاعظم يا صدر ٿيندو آهي پر پاڪستان ۾ ٻئي سربراهه مختلف ذميدارين تي ڪم ڪن ٿا. ٻار ته لاجواب ٿي ويا پر مونکي حيرانگي صرف هن ڳالهه جي آهي ته هي ٻار جيڪي اسان جو مستقبل آهن، ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ ۽ ذميدار شهري بڻجڻ لاءِ جيڪا تعليم اسان جي ادارن ۾ پرائي رهيا آهن انهن ادارن جون ڪهڙيون مجبوريون ۽ حدبنديون آهن ۽ والدين پنهنجي جوابدارين کان ڪيئن ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن مٿي بيان ڪيل وارتائون انهن “بي ڌيانين” جي صرف هڪڙي ننڍڙي جهلڪ آهي.

نائين، ڏهين ۽ يارهين درجي جي انگريزي ڪتابن ۾ جنهن قسم جي محنت ڪئي وئي آهي ۽ جن قسمن جي سرگرمين ۽ مشقن کي شامل ڪيو ويو آهي هي ڳالهه بغير ڪنهن شڪ جي چوان ٿو ته جيڪڏهن انهن کي انهن جي روح جي مطابق اپنايو ويو ته ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ هنن مضمونن ۾ نقل ڪرڻ جي ضرورت به نه پوندي پر شرط هي آهي ته سواليا پرچا به اهڙي ئي نموني سان تيار ڪيا وڃن جيئن هنن ڪتابن جون مشقون يا سرگرميون آهن پر ان سان گڏ ڪجهه عام معلومات کي به پرچن ۾ شامل ڪيو وڃي. باقي جيڪڏهن ٻارن کي لڪير جو فقير ئي بڻائڻو آهي ته هنن ڪتابن ۾ شامل مواد، مشقون ۽ سرگرميون سڀ جو سڀ بيڪار وينديون. هنن ڪتابن ۾ گرامر کي به ضرورت جي آڌار جاءِ ڏني وئي آهي يعني ڪهڙي ڪلاس ۾ ڪهڙي گرامر ۽ اڳ واري درجي ۾ ڏنل گرامر کي ايندڙ درجي واري گرامر کي سامهون رکي شامل ڪيو ويو آهي جيئن بيهڪ جون نشانيون (پنڪچوئيشن) ۽ غالب اکرن جو استعمال (ڪيپٽلائيزيشن). جيڪڏهن اڳ واري درجي ۾ هنن جي استعمال جي باري ۾ ابتدائي ڄاڻ کي شامل ڪيو ويو آهي ته بعد واري درجي ۾ انهن جي واڌو (ايڊوانس) استعمال جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته هر مشق کي ڪرڻ جي لاءِ ٻارن کي ئي همٿايو ويو آهي ۽ استاد جي ڪردار ۽ گفتار کي صرف هڪ سهولتڪار وارو بڻايو ويو آهي. هتي هن حقيقت کان به انڪار نه ڪرڻ گهرجي ته اسان جي ملڪ ۽ سنڌ جي تعليمي کيتر ۾، جتي سرڪاري مشينري پنهنجي وڏي ڌام ڌوم سان ڪم ڪري رهي آهي اتي خانگي مشينري به پنهنجا پير کوڙي چڪي آهي. خانگي مشينري ۾ تمام وڏا وڏا ۽ نالي وارا اسڪول سسٽم ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو سڪو به هلي رهيو آهي. سو مقابلو سخت آهي، نوان ۽ وقت پٽاندڙ ڪورس ڪتاب اچي رهيا آهن. سو جتي هڪ ٻار جي مناسب خوراڪ جو خيال رکڻ ضروري آهي اتي انهن جي پڙهائي جي لاءِ جنهن جنهن شيءَ جي ضرورت آهي انهن جو خيال ڪرڻ به اسان جي والدين، اسڪول انتظاميا ۽ مالڪ جي ذميدراين ۾ شامل آهي جنهن کي ڪنهن معمولي نه وٺڻ گهرجي.