ٻيو ڪوئي

0
157
ٻيو ڪوئي

  رٽائرمينٽ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ جنرل قمر جاويد باجوا  هڪ الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي اهو چيو ته هڪ ڪوڙو بيانيو پکيڙي نه فقط پاڪستاني عوام کي گمراه ڪيو ويو، ليڪن فوج تي به ڪڙي تنقيد ڪئي ويئي، جنرل قمر جاويد باجوا جو اهو بيان ڏاڍو دير سان آيو، اهو بيان اڳ اچڻ گهرجي ها، جنهن سان عمران خان جي مير صادق ۽ مير جعفر جهڙن لڳايل الزامن جي حقيقت اڳي پڌري ٿي پوي ها.اڪثر سياستدان ۽ جنرل اهڙيون حقيقتون چوندي چوندي يا گهڻي دير ڪري ڇڏيندا آھن يا ته وري اهڙا  راز دل ۾ سانڍي  قبر ۾ کڻي ويندا آھن ۽ اهي راز راز ئي رهجي ويندا آھن. اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صاحب وڌيڪ چيو ته اوڀر پاڪستان جي سانحي جا ذميدار ان وقت جا جنرل نه پر سياستدان هئا اهو هڪ الڳ بحث آھي ان  تي جيڪڏھن لکبو ته هڪ الڳ ڪتاب ٺھي پوندو،اوڀر پاڪستان جي سانحي تي جسٽس حمودالرحمان ڪميشن رپورٽ موجود آھي ان ڪميشن  ۾ جيڪو ڪجھه رپورٽ ڪيو ويو ان جو فقط ڪجھه حصو گهڻو وقت پوءِ شايع ڪيو ويو ليڪن اها رپورٽ مڪمل اڄ ڏينهن تائين  شايع نه ٿي سگهي، جيڪڏھن اها ڪميشن ترت شايع ٿئي ها ته سڀ حقيقتون عوام آڏو اچي وڃن ها ته اوڀر پاڪستان سانحي جا اصل ڪردار ڪهڙا هئا.باقي سائفر جو بيانيو گهڙيندڙ ڪردار جنهن تخت ڦرجڻ کان پوءِ آمريڪي سازش، مير جعفر ۽ مير صادق جو بار بار ذڪر ڪري سندس حڪومت ختم ٿيڻ جو سور پٽيندڙ آخر سندس ان بيانئي تان هٿ کڻي ويو، ان اهو ڏاڍو دير سان سوچيو ته ان کي تخت ۽ تاج سان نوازيندڙ به ٻيو ڪوئي هو، هو شايد ان جي وڌيڪ ناراضگي برداشت ڪرڻ نه ٿو گهري.

ڪنهن به عمل، سانحي،تخت بخت، جنگ، محبت ۽ عبادت  جي پويان ڪا نه ڪا قوت هجي ٿي،انساني جسم ۾ ڪهڙي قوت آھي جيڪا هن کي شاهين جهڙي پرواز ڏي ٿي، هو آڪاس جي بلندين تي اڏامي ٿو، هو هوا ۾ سفر ڪري ٿو، هو اڏامي اڏامي آخر هيٺ ڪري پوي ٿو. اها ڪائي ٻي قوت آھي جيڪا هن کي اڏاري به ٿي ۽ ڪيرائي به ٿي، هو ملڪ ۽ سماج جوڙي ٿو، هو هن دنيا کي بهشت  جهڙو ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ مصروف رهي ٿو ۽ وري ڪڏھن ڪڏھن هو هن بهشت جهڙي دنيا ۾ ڪيڏو نه آسائشن کان محروم رهجي مري وڃي ٿو ۽ مرڻ کان اڳ ھي دنيا هن لاءِ دوزخ بڻجي وڃي ٿي.

جيل ٿاڻا، اسپتالون۽ ڏکايون ڀوڳيندڙن جي پويان اڪثر انهن ماڻھن  جي بدنيتي،لوڀ لالڇ,۽ٻيا بدڪردار به هوندا آھن جيڪي کيس اهڙن ڪڌن ڪمن تي اتساهي پويان ويهي ان جو تماشو ڏسندا آھن.

لفظ  “ٻيو ڪوئي” پاڪستاني سياست ۾  خاص ڪري پنجهتر کان پوءِ جاءِ والاري نه ته هي لفظ روحانيت ۾ استمال ٿيندو رهيو آھي، صوفين وٽ “ٻيو ڪوئي” لفظ مان اشارو حقيقي خلقڻھار ڏانهن آھي جيڪو هر جاءِ موجود آھي.

وحدت الوجود جي فلسفي ۾  ڪائنات ۾ جو ڪجهھ نظر اچي پيو، اهو خالق حقيقي جو پرتو آھي  ان جون پرڇائون آھن، ان جا پرتا وڄ جيان جرڪن ٿا هيءَ ڪائنات تجلي سان  روشن ٿي وڃي ٿي ۽ هن ڪائنات ۾ اهو ئي اڪيلو آھي، باقي هي سڀ وجود، بي ثبات، فاني ۽ نا مڪمل آھن.

تصوف ۽ صوفي ازم تي صوفين ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾  منصور حلاج  جو “الطواسين”، امام غزالي جو “احياءَالعلوم”، سيد علي بن عثمان هجويري جو “ڪشف المحجوب”، سيد عبدالقادر جيلاني جو “فتوح الغيب”، عبدالرحمان ابن الحسين ابن موسيٰ نيشاپوري جو “طبقات الصوفيا”، مولانا عبدالرحمان جامي جو “نفحات الانس” ۽ ٻيا ڪتاب اچي وڃن ٿا جن ۾ تصوف ۽ روحانيت جون رمزون سمجهايل آھن. انسان جڏھن کان هن ڪائنات ۾ آيو آھي تڏھن کان ئي هو پنهنجي حقيقي پالڻھار تي غور فڪر ڪندو رهيو آھي ۽ جڏھن انسان پالڻھار جي هستي کي سڃاتو ته ھن ان کي پنهنجو پاڻ ۾  پاتو آھي. دنيا جا صوفي شاعر پنهنجي خيالن ۾ اهڙو اظھار ڪندا رهيا آھن، سچل سرمست به وحدت الوجود جي فڪر جو قائل هو

هر ڪنهن صورت آپ الله

ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناهه

شاهه لطيف به هڪ هنڌ چيو آھي

مون ۾ تون موجود، آئون آسانهين آھيان

ياد ٿو اچي ڪيئي سال اڳ صوفي لال محمد چانڊئي وٽ جڏھن واڌو واهه قاسم آباد ۾ سندس تڪئي تي وڃڻ ٿيندو هو ته پاڻ بيخودي جي عالم ۾ نظر ايندو هو، هو ڪڏھن ڪڏھن ظاهر اهڙيون ڳالھيون ڪندو هو جيڪي ڏاڍيون ڏکيون هونديون هيون وري جڏھن پاڻ ان ڪيفيت مان ٻاهر نڪري ايندو هو ته پاڻ چوندو هو ته اهو ڪنهن ٻئي ڳالهايو آھي، مون کي مجال جو آئون  ايئن ڳالهايان، سندس تڪئي جي هڪ ڀت جي مٿئين حصي تي مهدي شاهه جي  تصوير لڳل هوندي هئي، پاڻ اڪثر ڪري خاموشي واري حالت ۾ ويٺل نظر ايندو هو.

مون کي محراب خان چانڊيو به ياد پيو اچي جنهن کي جڏھن اسان ڏٺو هو ته هو سئو سال جي عمر کان مٿي چڙھي چڪو هو ۽ اکين جو نور به وڃائي چڪو هو.  هو سرن جي ٺھيل لانڍي ۾ کٽ وجهي ان تي پيل هوندو هو،  پاسي کان مسجد به ويجهي هوندي هئي، جتي ٻانگ کان پوءِ سندس پٽ ابراهيم  کيس وٺي وڃي مسلي تي نماز پڙھڻ لاءِ ڇڏيندو هو،  هن انگريزن جي حڪومت ۾  ديوانن جي ڪمداري به ڪئي هئي، واڻين جي اها زمين اسان جي ڳوٺ ويجهو اتر طرف هئي، ٻه ٽي سئو ايڪڙ ھئي،محراب خان ورهاڱي کان پوءِ واڻين جي هندستان لڏي وڃڻ ڪري ڪمداري ڇڏي مهاجرن کي ڪليم ۾ مليل ان زمين جو هاري ٿيو ۽ پوڙھو  ٿيڻ کان پوءِ اوطاق جي هڪ  کٽ جهلي ويهي رهيو. اسان ڳوٺ جا ٻارڙا ڪڏھن ڪڏھن پوڙھي محراب خان کي چيڙائڻ خاطر پري کان بيهي پٿريون ۽ کڙا هڻندا هئاسين ،هو چوندو هو،“گل آھين”، اسان جواب ڏينداهئاسين نه ٻيو ڪوئي، وري چوندو هو،  الهبچايو، نه ٻيو ڪوئي، وري چوندو هو،رحيم نه ٻيو ڪوئي،پوءِ گاريون ڏيڻ شروع ڪندو هو. اسان هر چوٿين پنجين ڏينهن وڃي سندس چراند ڪندا هئاسين، هو پهريان نالا وٺندو چوندو ويندو هو، فلاڻو ته ناهين، اسان مان هر هڪ ڇوڪرو واري واري سان ڇوندو ويندو هو، ن ٻيو ڪوئي، جڏھن اسان ٻيو ڪوئي چئي ماٺ ڪندا هئاسين ته هو کٽ تي اڀي پيل لٺ کڻي اڇلائي گاريون ڏيڻ شروع ڪندو هو  ۽ پوءِ ماٺ  ئي نه ڪندو هو، چوندو هو اوهان جو مائٽ ٻيو ڪوئي, پوءِ ته هن کي “ٻيو ڪوئي” لفظ کان چڙ ٿي پيئي هئي، هو صوفي ته ڪونه هو، ليڪن سمجهو انسان ضرور هو. هن اکين سان  ورهاڱي جا وڍ ڏٺا هئا،هو چوندو هو ته انسان جو صبر ۽ ڪردار وڏوگڻ آھي، جيڪو ڪڏھن به  مري نه ٿو،ماڻھو ته مري وڃڻو آھي، هو ٿورو ئي پوءِ مري ويو، هن جي موت کي به ڪيئي سال گذري ويا آھن ۽ اسان به ٻالچتي کي ڪنهن خواب جيان گهڻو پوئتي ڇڏي ڇڪا آھيون، پر جڏھن ڪوئي نئون سياسي ڀونچال پيدا ٿيندو آھي۽ لفظ  “ٻيو ڪوئي” جو بار بار ذڪر ٿيندو آھي ته مون کي صوفي لال ۽ پوڙھو محراب خان ياد ايندا آھن.  صوفي لال جي خيال ۾ سندس وجود ۾ ٻيو ڪوئي وسي ٿو، هو صوفي هو جڏھن ته  محراب خان کي اسين چيڙائي“ٻيو ڪوئي” چئي پنهنجو الزام ٻئي ڪنهن تي هڻي جان ڇڏائي ڀڄي ويندا هئاسين.