سائنس جا استاد نه گھرجن!

0
196
سائنس جا استاد نه گھرجن!

 سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ موسيقي جي استادن جي ڀرتي جي معاملي تي سنڌ ۾ گذريل ڏينھن دوران ڪافي بحث ھليو. منھنجي خيال ۾ تعليمي ادارن ۾ موسيقي جا استاد ڀرتي ڪرڻ ۾ ڪجھه به غلط ناھي بلڪه اھڙو ڪو به عملي قدم شايد متشدد ذھنيت اڳيان مزاحمتي ديوار ثابت ٿئي. يا شايد اھو فيصلو ڪو به واضح تبديلي نه پيدا ڪري سگھي. جيڪي انھي فيصلي جي مخالفت ڪن پيا منھنجي خيال ۾ تن وٽ ڪو به ٺوس دليل ناھي. مبينه طور تي موسيقي حرام آھي انھي ڳالهھ کي ھڪ لمحي لاءِ بادل ناخواسته مڃي به وٺجي ته به سوال اھو پيدا ٿو ٿئي ته جڏھن گذريل ڪيترن ئي سالن کان (جڏھن موسيقي تعليمي ادارن ۾ پڙھائڻ جو ذھن ۾ خيال ئي ڪونه ھو) اسان سٺا مسلمان نه ٿي سگھيا سين (بقول ڪيترن ئي مذھبي اڳواڻن جي) ته پوءِ ھاڻي ھي موسيقي اسان تي ڪيتري قدر اثر ڪري سگھندي؟ منھنجي خيال ۾ اھو بحث ئي غيرضروري آھي.

ھاڻي اچون ٿا اصل مسئلي  طرف،

                 اڄ تائين پاڪستان باالخصوص سنڌ مان عالمي سطح جا نيچرل سائنٽسٽ، بائيولاجسٽ، فزسسٽ، ڪيميادان، اسٽرونومر، اسٽرولاجسٽ، ڪمپيوٽر سائنس جا ماھر، ڊيٽا سائنٽسٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جا ماھر يا آرٽيفيشل انٽيليجنس جا ماھر ڪيترا نڪتا آھن؟ ڇا سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن (اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي) مان ڪنھن شاگرد اڄ تائين عالمي سطح تي منعقد ٿيندڙ سائنسي ميلن ۽ مقابلن ( اولمپئيڊ) ۾ سنڌ يا پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آھي؟ انھي کان به پھرين اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي انھن اولمپئيڊز (فزڪس اولمپئيڊ، ڪيمسٽري اولمپئيڊ، ميٿ اولمپئيڊ، وغيرہ وغيرہ) جي باري ۾ علم به آھي؟ ڇا اسان جي تعليمي ادارن ۾ اھڙي تعليم ڏني به وڃي ٿي جيڪا شاگردن ۾ سائنسي مضمونن جو شوق ۽ سائنسي سوچ اڀاري؟ ڇا سائنسي سوچ بنا جديد تقاضائن تحت تعليم ڏيڻ ممڪن آھي ۽ سائنس بغير اسان ھن تيز کان تيز تر جديد ترين دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلي سگھون ٿا؟ حڪومت سنڌ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سائنس کي ڪيتري ترجيح ڏي ٿي ان جو اندارو انھي ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو جو يارنھن نومبر تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ٿيل اشتھار جنھن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن جون جڳھيون ظاھر ڪيون ويون ھيون. انھي ۾ سائنس جو ڪو به مضمون شامل ناھي. جڏھن ته ڪجھه وقت اڳ پڌري ٿيل ھڪ رپورٽ موجب سنڌ ۾ نوي سيڪڙو اسڪولن ۾ سائنس جا مضمون پڙھائڻ لاءِ استاد ئي موجود ناھن، اسڪولن جي زبون حالي (ڪٿي ڪنھن اسڪول جي چاري ديواري ناھي، واش روم ناھن، اسڪول جي ديوار آھي ته ڇت ناھي يا چار ديواري ناھي ۽ انھي کان علاوي ٻين بنيادي سھولتن جي اڻھوند) جو داستان الڳ آھي.

جڏھن ته سنڌ حڪومت جي پنھنجن انگن اکرن موجب جيڪي سنڌ حڪومت جي ڪابينه کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ظاھر ڪيا ويا، جيڪڏھن انھن کي درست تسليم ڪيو وڃي ته سنڌ جي ڪل 49,103 اسڪولن مان (جن ۾ پرائمري، مڊل، ايليمينٽري ۽ ھائي اسڪول شامل آھن) ڏھه سيڪڙو کان به گھٽ اھڙا اسڪول آھن جن ۾ سائنس جي مضمونن جا استاد ھئڻ جي دعويٰ ڪري سگھجي ٿي. جڏھن ته ستر سيڪڙو کان به وڌيڪ اسڪولن ۾ ليبارٽريز ناھن. سنڌ جي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه پاڻ ھڪ تقريب ۾ اظھار خيال ڪندي چيو ته سنڌ جي ڏيڍ لک استادن مان صرف نؤ سيڪڙو استاد ئي اھڙا آھن جيڪي رياضي ۽ سائنس جا مضمون پڙھائڻ جي قابل آھن.

ھڪ ٻئي رپورٽ جي انگن اکرن موجب سنڌ جي ڪُل سرڪاري اسڪولن مان تقريبن پندرنهن سؤ کان ٻه ھزار اسڪول ئي اھڙا آھن جن ۾ ليبارٽريز ڄاڻايون ويون آھن. سنڌ جي اسڪولن ۾ سائنسي مضمونن کي ڪيتري ترجيح ڏني ٿي انھي جو اندازو آئي بي اي جي ورتل ٽيسٽ جي نتيجن مان لڳائي سگھجي ٿو جن موجب شاگرد سائنس جي مضمونن ۾ صرف 23 سيڪڙو ۽ رياضي ۾ صرف 22 سيڪڙو نمبر کڻي سگھيا. انھي پريشان ڪن صورتحال کي ڏسندي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اشتھار کي مدنظر رکندي حيرت ٿي ٿئي جو سنڌ ۾ سائنس جا مضمون پڙھائڻ لاءِ  استادن جي گھرج ناھي!

مٿي ڄاڻايل انگن اکرن موجب ھڪ ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ سائنس جي مضمونن جا استاد آھن ئي ڪونه. ٻيو جٿي آھن به تن مان اڪثر استاد سائنس اھڙي منفرد ۽ اڇوتي انداز سان ٿا پڙھائين جو شاگرد سائنس جي مضمونن کان ويتر خوفزدہ ٿيو ٿا وڃن، سائنس جيڪا انساني ترقي جي ضامن ۽ واحد رستو آھي.

مٿان وري سائنس جا نصابي ڪتاب ايترا پيچيدہ آھن جيڪي شاگردن لاءِ اڃان وڌيڪ پريشاني ۽ مونجھارن جا باعث ٿا بڻجن، ۽ انھن بظاھر سائنس جي ڪتابن جي ڪَور تي ته سائنس جو مضمون ڄاڻايل ھوندو آھي پر نسبتن انھن ڪتابن ۾ سائنس گھٽ ئي ھوندي آھي. وري سائنس جا اڪثريتي استاد اھڙا ھوندا آھن جيڪي سوشل ميڊيا تي وڊيوز ڏسي ڪلاس روم ۾ اچي پنھنجي غضب ذھانت سان اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته چنڊ تي موڪليل مشن سراسر ڊرامو ھو ۽ اڄ تائين انسان سائنس جي مدد سان چنڊ تي پھتو ناھي ۽ اھو ممڪن ئي ناھي.

منھنجي خيال ۾ بنيادي طور تي اسان جو سماج سائنس دشمن سماج آھي. اسان ھمه وقت سائنس جي خلاف مزاحمت جوٽيو بيٺا آھيون. جڏھن ته اھا به حقيقت آھي ته اسان مڪمل طور تي سائنس ۽ سائنسي ايجادن تي منحصر آھيون ۽ انھي کان سواءِ اسان جو وجود شايد ڌنڌلو آھي.

سائنسي انداز فڪر جي خلاف مزاحمت اسان جي تعليمي ادارن ۾ اھڙن ماڻھن جي ڀرتي سان ڪئي وڃي ٿي جيڪي پنھنجن مضمونن جا ماھر ناھن. اھي ماڻھو تعليمي ادارن ۾ اعليٰ عھدن تي ڪيئن ٿا پھچن شايد اھا سڀني کي خبر آھي.

انھي کان علاوہ تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ اھڙن “سائنس” جي درخشان ستارن کي مدعو ڪيو ويندو آھي جن جي سوچ و فڪر مطابق زمين بيٺل (ساڪن) آھي.

ھر ملڪ ۾ تعليم جا مقصد ھوندا آھن. اسان وٽ حڪومت پاران تعليم جو مقصد ھڪ مخصوص قسم جي ذھن سازي ڪرڻ جنھن سان حڪمران طبقي جا وقت بوقت مقصد پورا ٿين. جڏھن ته جديد تقاضائن کي مدنظر رکندي تعليم جو مقصد پنھنجي ڪميونٽي ۽ عالمي مارڪيٽ جنھن ۾ سائنس ۽ آئي ٽي جو راڄ آھي ۾ ھڪ ڪارائتو ھيومن ريسورس پيدا ڪرڻ ھئڻ گھرجي. ھن جديد دور ۾ اسان وٽ جديد تقاضائن جي ابتڙ سوين سال پراڻن سوچ و فڪر جي حامل تعليمي لاڙن جي پيروي ۾ ڇا اھي مقصد حاصل ڪري سگھون ٿا. اڄ تائين دنيا جنھن ترقي جي منزل تي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي اھا خالصتن سائنس جي آڌار تي ئي آھي.  پوري دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ڇانيل آھي، آرٽيفيشل انٽيليجنس  تحت دنيا مينوئل موڊ کان آٽوميٽڪ موڊ ڏانھن شفٽ ٿئي پئي. روزاني جي بنياد تي نت نيون ايجادون ۽ تحقيقون ٿين پيون. انسان عنقريب مريخ تي ڪالوني اڏڻ وڃي پيو. ڪائنات جي وسعتن ۽ پوشيده رازن تان پردو کڄي پيو. اسان اڃان تائين سوين سال پراڻي سوچ ۽ فڪر ۽ ارسطو جي ٽي سؤ صدي قبل مسيح واري تصور (زمين ساڪن ۽ ڪائنات جو مرڪز) تي ئي اٽڪل آھيون.

ھن وقت سنڌ حڪومت ۾ وزارت تعليم اھڙن ماڻھن وٽ آھي جيڪي بظاھر ترقي پسند ۽ جدت پسند سوچ جا حامل معلوم ٿين ٿا يا باور ڪرائين ٿا. پر ڇا تعليمي ادارون ۾ ڪمپيوٽر، رياضي ۽ سائنس جي مضمونن کي ترجيح ڏيڻ بغير، انھن مضمونن جا استاد ڀرتي ڪرڻ بغير ۽ سائنسي مضمونن جي عملي تعليم ڏيڻ بغير جديد تقاضائن تحت تعليم ممڪن ٿي سگھي ٿي؟

[email protected]